وڪيلن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا

ڪراچي (رپورٽر) رجب بٽ معاملي تي جنرل باڊي اجلاس کان پوءِ ڪراچي بار ايسوسيئيشن عارضي طور هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڪيل اڳواڻ عامر نوازوڙائچ چيو آهي ته 3 جنوري تي فريادين وچ ۾ ڪراچي بار ۾ ڳالهيون ٿينديون ۽ معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، صدر ڪراچي بار موجب جيڪڏهن 3 جنوري تي ڳالهيون ناڪام ٿيون ته ٻيهر احتجاج ڪري سگهجي ٿو، ڳالهيون ٿيڻ تائين فريادين مان ڪا به ڌر سوشل ميڊيا تي ڪا به پوسٽ شيئر نه ڪندي، ان کان اڳ، رجب بٽ تي تشدد ڪندڙ وڪيلن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ وڪيلن هڙتال ڪئي، سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو جزوي بائيڪاٽ ڪيو، سنڌ بار ڪائونسل ۽ ملير بار ايسوسيئيشن پڻ وڪيلن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ جي مذمت ڪئي ۽ عدالتن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو، سنڌ بار ڪائونسل جو چوڻ هو ته رجب بٽ معاملي ۾ وڪيلن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جا ڪجهه ٻيا مقصد آهن. ڪائونسل مطالبو ڪيو ته آءِ جي سنڌ پوليس فوري طور رجب بٽ ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري، جڏهن ته وڪيلن خلاف ڪيس داخل ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته وڪلين مٿان ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي بار جي وڪيلن سخت احتجاج ڪيو ۽ مبينا طور سٽي ڪورٽ ٿاڻي تي حملو ڪيو، جتي موجود ايس ايڇ او تي تشدد ڪيو ويو ۽ پوليس اسٽيشن ۾ توڙ ڦوڙ پڻ ڪئي وئي. وڪيلن ايم اي جناح روڊ تي ڇهن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڌرڻو پڻ ڏنو، صدر ڪراچي بار عامر نواز وڙائچ چيو ته پوليس، ڪراچي بار جي وڪيلن جي درخواست تي ڪيس داخل نٿي ڪري، وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ پوليس جي سٽي ڪورٽ ۾ داخلا تي به پابندي لڳائي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.