رجب بٽ معاملو، ايس ايڇ او تي تشدد، وڪيلن مٿان نئين ايف آءِ آر داخل

ڪراچي (رپورٽر) عدالت ۾ پيشي دوران يوٽيوبَر رجب بٽ تي مبينا تشدد جي واقعي کان پوءِ صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي، ان واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندڙ ڪيترن ئي وڪيلن خلاف سٽي ڪورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او تي مبينا حملي جي الزام هيٺ فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) داخل ڪئي وئي، گذريل ڏينهن سامهون آيو هو ته ڪراچي جي عدالت ۾ پيشِي دوران يوٽيوبَر رجب بٽ تي جسماني تشدد جي الزام هيٺ هڪ درجن کان وڌيڪ وڪيلن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، هن ايف آءِ آر ۾ ايڊووڪيٽ رياض علي سولنگي، ايڊووڪيٽ عبد الفتح چانڊيو ۽ 15 کان 20  اڻڄاتل وڪيلن کي نامزد ڪيو ويو هو، ان کانپوءِ وڪيلن سٽي ڪورٽ ٿاڻي تي چڙهائي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته يوٽيوبَر ۽ ٻين ماڻهن خلاف به ڪيس داخل ڪيو وڃي، وڪيلن ايس ايڇ او خلاف ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ تي ايم اي جناح روڊ تي سٽي ڪورٽ ٻاهران احتجاج پڻ ڪيو، بعد ۾ هڪ نئين ايف آءِ آر ڪالهه  سٽي ڪورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جهانگير ڀٽو جي فرياد تي داخل ڪئي وئي،  40 کان مٿي وڪيلن زبردستي پوليس پوسٽ ۾ داخل ٿي هنگامو ڪيو، اها پوليس پوسٽ عارضي طور سٽي ڪورٽ ٿاڻي ۾ قائم هئي، وڪيل رجب بٽ ۽ منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا، مون ٻڌايو ته ڪيس داخل ٿي چڪو آهي ته وڪيلن ڪاوڙ ۾ اچي گاريون ڏنيون، ڌمڪيون به ڏنيون ويون،  ايف آءِ آر ۾ عبد الفتح چانڊيو، عبد الوهاب راجپر ۽ رياض علي سولنگي کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 40 کان 50 ماڻهن کي نامعلوم رکيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.