اسلام آباد/رياض/ابوظبي (ابصار عالم) وچ اوڀر ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال سبب سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ تڪرار وڌڻ جا امڪان ظاهر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته اسرائيل جي صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ واري فيصلي تي اسلامي ملڪن ۾ اختلاف سامهون آيا آهن. ذريعن موجب اسرائيل جي وڌندڙ اثر رسوخ سبب يو اي اي جو ڪردار علائقي ۾ وڌيڪ تڪراري بڻجي ويو آهي، جڏهن ته گهڻن اسلامي ملڪن ان فيصلي جي مخالفت ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ معاملو کڻي ويا آهن، پر يو اي اي مذمت کان پاسو ڪيو. رپورٽن موجب گلف آف عدن ۽ يمن وارو علائقو هن وقت انتهائي حساس بڻيل آهي، جتي يو اي اي جي حمايت رکندڙ گروهن ۽ سعودي مفادن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. تازو يو اي اي طرفان يمن ڏانهن موڪليل گاڏين ۽ سامان تي سعودي عرب هوائي حملا ڪيا، جنهن بعد صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ٿي وئي. سعودي عرب يو اي اي کي الٽي ميٽم ڏيندي فوجون واپس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي ابوظهبي اعلان ڪيو ته هو پنهنجون فوجون واپس وٺي رهيو آهي. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته هي تڪرار اسرائيل جي علائقي ۾ پاليسين ۽ اثر رسوخ جو نتيجو آهي، جنهن عرب ملڪن ۾ ورهاست پيدا ڪئي آهي. سعودي عرب ۽ يو اي اي، جيڪي اڳ ويجها اتحادي سمجهيا ويندا هئا، هاڻي يمن جي مسئلي تي آمهون سامهون آهن. ساڳئي وقت پاڪستان لاءِ به صورتحال نازڪ بڻجي وئي آهي، ڇو ته پاڪستان جا سعودي عرب سان دفاعي معاهدا موجود آهن، جڏهن ته يو اي اي سان به سفارتي ۽ معاشي لاڳاپا آهن. ذريعن موجب يو اي اي جو صدر محمد بن زايد هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. جيڪڏهن سعودي عرب ۽ يو اي اي وچ ۾ ٽڪراءُ وڌيو ته پاڪستان لاءِ غيرجانبدار رهڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. پاڪستان کي هڪ پاسي سعودي عرب سان دفاعي واعدا نڀائڻا پوندا، جڏهن ته ٻي پاسي يو اي اي سان لاڳاپا به برقرار رکڻا پوندا. يو اي اي ۾ وڏي پيماني تي پاڪستاني سرمايو، ملڪيتون ۽ ڪاروبار موجود آهن، جڏهن ته ڪجهه شدت پسند گروهن جي اڳواڻن جي موجودگي بابت به خدشا ظاهر ڪيا وڃن ٿا. خطي ۾ موجود صورتحال پئسي، طاقت ۽ اثر رسوخ جي راند بڻجي چڪي آهي، جنهن ۾ اسرائيل اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. مبصرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي محتاط سفارتڪاري اختيار ڪرڻي پوندي، تڪرار گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي دفاعي معاهدن کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪرڻا پوندا. موجوده حالتن ۾ علائقي جو امن خطري ۾ آهي ۽ ايندڙ ڏينهن اهم سمجهيا پيا وڃن.