ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ 65 سالن کان پوءِ ٻيهر ڊبل ڊيڪر بسون متعارف ڪرايون ويون، سنڌ جي سينيئر وزير ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڊبل ڊيڪر بس سروس جي تقريب جو افتتاح ڪيو، افتتاحي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊبل ڊيڪر بس سروس جي شروعات ٿي وئي، اڄ کان باقاعدي طور عوام لاءِ اهي بسون هلنديون، ڊبل ڊيڪر بسن جو ڪرايو به پيپلز بس سروس وارو ساڳيو ئي هوندو، سنڌ حڪومت ڊسمبر 2025ع تائين ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون متعارف ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اڄ اهو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو، سنڌ حڪومت 2026ع ۾ سڄي صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جون سهولتون مهيا ڪرڻ جو هدف رکي ٿي، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه ايندڙ سال ڪراچي جي هر روڊ تي ڊبل ڊيڪر بسون هلائڻ جون هدايتون ڏنيون آهن، سينيئر وزير جي ترجمان حسين منصور ٻڌايو ته بسون صدر جي زينب مارڪيٽ کان ماڊل ڪالوني تائين هلنديون، شرجيل انعام ميمڻ جي آفيس مان جاري بيان موجب ڪراچي لاءِ 65 سالن بعد ٻيهر ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي، ايندڙ هفتي کان سنڌ، بشمول ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بسز لاءِ نوان روٽس پڻ مقرر ڪيا ويندا، عوامي ٽرانسپورٽ بنيادي ضرورت آهي ۽ سنڌ حڪومت عوام کي هن شعبي ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي. بس سروس سبسڊي تي هلائي پئي وڃي، جنهن جي رقم حڪومت پاڻ ادا ڪري ٿي، پيپلز بس سروس تحت ڪراچي ۾ روزانو هڪ لک 25 هزار کان وڌيڪ مسافر سفر ڪري رهيا آهن، روڊن جي خراب حالت واري سوال تي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينا صنعتي علائقن جي رستن لاءِ بجيٽ مان 9 ارب رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي آهي، جڏهن ته شاهراهِه ڀٽو ايڪسپريس وي سميت ٻين منصوبن تي به ڪم جاري آهي، تقريب ۾ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، مصطفيٰ عبدالله بلوچ، حسين منصور پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪنول نظام ڀٽو، پيپلز بس سروس جي سي اي او صھيب شفيق، آپريشنل مينيجر عبدالشڪور ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود ھئا.