ڪراچي (پ ر)عوامي ٽرانسپورٽ شعبي ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ نئين ڊبل ڊيڪر بس سروس جي افتتاح جو آڌرڀاءُ ڪندي ان کي ڪراچي جي عوام لاءِ خاص تحفو قرار ڏنو آهي، وڏي وزير چيو ته هن بس سروس جي شرواعات پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ۾ شهري ٽرانسپورٽ کي جديد بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي، وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد مراد علي شاهه نئين ۽ جديد بس سروس جي شروعات تي ڪراچي جي عوام کي مبارڪباد ڏني۔ هن چيو ڪراچي جا ماڻهو بهتر سفري سهولتن جا حقدار آهن ۽ روزمره سفر کي آسان ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو۔ وڏي وزير هن منصوبي کي عوام لاءِ خوش آئند ترقي قرار ڏيندي چيو ته نئين بس سروس شهرين لاءِ سفر کي وڌيڪ آسان ۽ اثرائتو بڻائيندي، هن چيو ڪراچي صرف هلي نه رهيو آهي پر اڳتي وڌي رهيو آهي جيڪو شهر جي ترقيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو، منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي وڏي وزير چيو اڄ بس هلي آهي، سڀاڻي شهر بدلجندو، ڪراچي لاءِ بهتر سفري سهولتون هاڻي رڳو واعدو نه رهيون آهن پر عملي حقيقت بڻجي ويون آهن جتي جديد ٽرانسپورٽ شهري وقار ۽ سهولت ڀري زندگي جي علامت آهي، جديد سهولتن سان ليس ڊبل ڊيڪر بسون ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ شهرين کي سستي، محفوظ ۽ ڀروسي لائق سفري سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايون ويون آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو جڏهن شهري سهولتون مضبوط ٿين ٿيون ته شهر به مضبوط ٿين ٿا، هن عزم ظاهر ڪيو ته اهڙن منصوبن ذريعي ڪراچي کي جديد عالمي شهرن جي قطار ۾ شامل ڪيو ويندو.