اسحاق ڊار جو سعودي پرڏيهي وزير کي فون، علائقائي صورتحال تي بحث

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان کي فون ڪيو ۽ تازي علائقائيصورتحال تي بحث ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير کي نئين سال جون مبارڪون ڏنيون، جنهن تي شهزادي فيصل بن فرحان نيڪ خواهشن سان جواب ڏنو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان،سعودي عرب ٻطرفي لاڳاپن جي هاڪاري رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سعودي پرڏيهي وزير ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.