بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم خالدا ضيا لاڏاڻو ڪري وئي

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ بي اين پي جي سربراهه بيگم خالدہ ضيا ڊگهو وقت بيمار رهڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري وئي. پارٽي بيان موجب هوءَ فجر کان ٿوري دير پوءِ 6 وڳي وفات ڪري وئي، عمر 80 سال هئي. ڊاڪٽرن موجب هوءَ جگر، دل، شگر ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا هئي. خالدا ضيا 1991ع ۾ ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊي وئي ۽ ٻه ڀيرا اقتدار ۾ رهي. 2018ع ۾ کيس ڪرپشن ڪيس ۾ قيد ڪيو ويو، جڏهن ته صحت جي بنياد تي 2024ع ۾ آزادي ملي. تازو فيبروري 2026 جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان به ڪيو هئائين، پر بيماري سبب اسپتال داخل رهي. سندس لاڏاڻي سان بنگلاديش جي سياست جو اهم دور ختم ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.