نئين سال تي پيٽرول 10 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) پهرين جنوري 2026 کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب پيٽرول في ليٽر 10 رپيا 60 پئسا سستو ٿي سگهي ٿو، جنهن بعد اگهه 263.45 رپين مان گهٽجي 252.85 رپيا ٿيڻ جو امڪان آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 59 پئسا گهٽتائي سان اها 257.06 رپيا في ليٽر ٿي سگهي ٿي. گاسليٽ جي تيل ۾ 8 رپيا 92 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل ۾ 6 رپيا 62 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. ايڪس ريفائنري سطح تي به قيمتون گهٽ ٿيڻ جون اڳڪٿيون ڪيون ويون آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته قيمتن ۾ هي گهٽتائي شهري ۽ ڳوٺاڻن واهپيدارن لاءِ رليف جو سبب بڻجندي ۽ ٽرانسپورٽ توڙي مهانگائي جي دٻاءَ ۾ به گهٽتائي ايندي. حتمي اعلان حڪومت ٽيڪسن ۽ ليون جي جائزي بعد ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.