اسلام آباد (عمران شفقت) سهيل وڙائچ پنهنجي ڪالم ۾ لکي ڇڏيو آهي ته هن وقت جيڪو نظام آهي، جيڪا رياست آهي اها موجوده سيٽ اپ مان ايتري مطمئن ناهي، جيتري هجڻ گهرجي ها. جيتوڻيڪ شهباز شريف جهڙو وزيراعظم اسٽيبلشمينٽ کي شايد ڪڏهن مليو هجي، شهباز شريف سون جهڙو آهي پر ان باوجود رياست کي اهڙو ماڻهو گهرجي جيڪو هيري جهڙو هجي. سهيل وڙائچ ٻڌايو ته ذريعن سان ڳالهين دوران انهن ٻڌايو ته قومي حڪومت ٺهي سگهي ٿي ۽ هن ئي پارليامينٽ جي اندر رهندي ٺهي سگهي ٿي. سهيل وڙائچ به اها ڳالهه مڃي ته اهو جواب غير منطقي لڳي ٿو. جيتوڻيڪ ائين ٿي نٿو سگهي پر ان حوالي سان سسٽم مان آواز ضرور اچي رهيا آهن ته قومي حڪومت ٺهي. ان جو مثال ائين آهي جيئن بنگلاديش ۾ پي ايڇ ڊي هولڊر ماڻهو پنهنجي فيلڊ جا ماهر آهن تيئن هتي ٽيڪنو ڪريٽ هجن. اهڙا ٻن قسمن جا ماڻهو آهن، هڪڙا سسٽم مان فائدو کڻڻ چاهين ٿا، ٻيا دل جو درد رکن ٿا، جيڪي ملڪ جي حالتن مان مايوس آهن ۽ شين کي اڳتي وڌائڻ چاهين ٿا. ڪالم موجب، کوڙ ماڻهو شيرواني سبرائي سسٽم ۾ حصو ڳولي رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ پاران شهباز حڪومت تي سڀ کان وڏو سوال بيانيو جو کنيو ويو آهي. ماڻهن ۾ پريشاني آهي، ان جو حل آهي ته نئون سيٽ اپ آندو وڃي جيڪو 2 کان 3 سال هلي. ذريعن موجب، ان حوالي سان هڪ سال لڳي سگهي ٿو. سهيل وڙائچ موجب، نظام کي هڪ صوبي ۾ ڪرپشن تي ڳڻتي آهي، ٻئي صوبي ۾ ثمر زميني سطح تي نه پهچڻ جو شڪ رکي ٿو، ٽيون صوبو انصافي آهي جيڪو اڳ ئي نظام جي اک جو ڪنڊو آهي. نظام ۽ موجوده سياست جو واسطو هاڻي ايترو غير هموار آهي ته ماڻهو گرينڊ پلان جا افواهه ضرور اٿاريندا. اڪثر راءِ اها آهي ته ٻن وڏين پارٽين تي ٻڌل وڏو هڪ صفحو اهم موقعو آهي جيڪو عمران خان کي به نه مليو هو. اهڙين حالتن ۾ به ساڳيا وسوسا هلي رهيا آهن ته پوءِ خدا حافظ آهي. ٻن پارٽين سميت ٽئين پارٽي جيڪا ٽڪراءَ ۾ آهي اهي سڀ ڪيڏانهن وينديون؟ ذريعن موجب پي ٽي آءِ جو ڪو ڌڙو قومي نظام ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿو. يا ٽئي پارٽيون شامل ٿي وينديون؟ پر اهو سولو ڪم نه هوندو. ذريعن موجب، محمود اچڪزئي جي ويجهي ماڻهو جو وزيراعظم جي ويجهي ماڻهو سان رابطو ٿيو. وزيراعظم جي ماڻهو ٻڌايو ته وزيراعظم ڳالهين جي ڳالهه ڪري ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کانسواءِ نه هوندو. يعنيٰ اسٽيبلشمينٽ اهو سوچي رهي آهي ته هو جيل مان ٻاهر اچي وڃي ۽ کيس اهو اطمينان هجي ته گهٽ ۾ گهٽ سندس سياسي مخالف ته حڪومت ۾ ناهن.
اسلام آباد(امداد سومرو) اسلام آباد ۾ خبرن ۽ افواهن جو بازار وري گرم آهي، موجوده سياسي نظام مان هاڻي سسٽم پاڻ تنگ اچي ويو آهي۔ وزيراعظم شهباز شريف جهڙو تجربيڪار ۽ محنتي وزيراعظم به هاڻي سسٽم لاءِ قابلِ قبول نه رهيو آهي؟اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهڙيون ڳالهيون ڇو سامهون اچي رهيون آهن؟ هاڻي اهي ڳالهيون کليل نموني ڪيون پيون وڃن۔ ڊيليورنس پنهنجي جاءِ تي، پر حڪومت هڪ اهم محاذ تي مڪمل طور ناڪام ٿي آهي۔حڪومت معاشي حوالي سان دعويٰ ڪري ٿي ته وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، وڏيون آئينِي ترميمون ڪيون ويون آهن، پر هڪ محاذ اهڙو آهي جتي حڪومت مسلسل ناڪام رهي آهي، سياسي بيانيو ٺاهڻ ۾ موجوده حڪومت ٻوٽو نه ٻاري سگهي،حڪومت نه ته عمران خان جي بيانئي جو توڙ ڳولي سگهي آهي، نه ئي ڪو مضبوط متبادل بيانيو ٺاهي سگهي آهي۔ انهيءَ سياسي ناڪامي سبب باقي سموريون ڪاميابيون به بي اثر ٿي وڃن ٿيون۔ حڪومت جيڪا به ڪاميابي پنهنجي کاتي ۾ وجهڻ ٿي چاهي، اها سياسي ناڪاميءَ سبب ضايع ٿي وڃي ٿي۔انهيءَ ڪري هاڻي ٻيهر قومي حڪومت جي ڳالهه شروع ٿي وئي آهي،.هڪ ذريعي ٻڌايو ته مارچ مهيني ۾ هي سسٽم هٽايو ويندو ۽ ٽيڪنوڪريٽس يا وڏن صنعتڪارن کي چيو ويو آهي ته تياري ڪريو، ملڪ توهان جي حوالي ڪيو ويندو۔ صحافي سهيل وڙائچ به هڪ مضمون لکي ساڳي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن کي هن “افواهه سازي” جو نالو ڏنو آهي،هن لکيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي هاڻي “سون” نه پر “هيرو” کپي، ۽ هو ڪنهن ونڊر بواءِ جي ڳولا ۾ آهن،هن موجب مارچ کان اپريل تائين سسٽم ۾ تبديلي آڻي، آئين جي دائري ۾ قومي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي۔ان قومي حڪومت ۾ قومي اسيمبلي به برقرار رهندي، پر حڪومت سڀني پارٽين تي ٻڌل هوندي۔ جيڪڏهن عمران خان راضي ٿئي ته ٺيڪ، نه ته تحريڪ انصاف کي ٽوڙي ان جو وڏو ڌڙو قومي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو۔ان لاءِ سنڌ ۾ ڪرپشن،پنجاب ۾ خراب حڪمراني،خيبرپختونخوا ۾ انتشار ۽ بلوچستان ۾ خراب حالتن تي هڪ “چارج شيٽ” به تيار ڪئي پئي وڃي،انهن دليلن تحت چيو پيو وڃي ته موجوده نظام ڊيليور نٿو ڪري، تنهنڪري قومي حڪومت ضروري آهي، جنهن جا وزير پي ايڇ ڊي هولڊر هجن۔