پ پ کي هائبرڊ نظام تي ڪجهه خدشا؟

لاهور(معظم فخر)ڳڙهي خدابخش ۾ بلاول جي ڳالهين ۽ سهيل وڙائچ جي ڪالم ۾ انڪشافن مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته اليڪشن کي وساري ڇڏيو،موجوده نظام ئي هلندو،ان جو مطلب ته پ پ کي سپر هائبرڊ نظام تي خدشا آهن،بلاول هن نظام کي وڌائڻ لاءِ ريفرنڊم جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، پ پ هن نظام ۾ وڌيڪ گنجائشون حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، حڪومت پي ٽي آءِ جي بيانئي جي ٽوڙ ۾ پنهنجو سياسي بيانيو ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي،اسٽيبلشمينٽ کي ڪنهن ”هيري“ جي ڳولا آهي ته پاڪستاني جي سياسي کاڻ ۾ ته ڪوئلا ئي آهن،ڪوئلن اندر هيرو ڳولڻ ناممڪن نظر اچي ٿو،جڏهن جڏهن تبديلي جي نالي جو چورن وڪرو ٿيو ان قسم جا هيرا ته پاڪستاني سياسي کاڻ مان ته نه مليا،البته اهڙن”هيرن“ کي درآمد ڪيو ويو،ڪڏهن معين قريشي کي امپورٽ ڪيو جنهن وٽ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ به نه هو،ڪڏهن شوڪت عزيز کي سٽي بئنڪ مان آڻي وزارت اعظميٰ جي سيٽ تي ويهاريو ويو،

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  اڱارو 30 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.