سهيل وڙائچ جي محسن نقوي سان ويجهڙائپ، گهرو وزير جي چوڻ تي ڪالم لکيائين؟

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار چوڌري غلام حسين چيو آهي ته صحافي سهيل وڙائچ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ويجهو رهيو آهي،هن جي ڪالم ۾ ”ونڊر بواءِ“ جو اشارو محسن نقوي ڏانهن آهي،يعني هو چاهي ٿو ته محسن نقوي وزيراعظم بڻجي،هن چيو ته اصل ڳالهه اها آهي  ته عوام ڪنهن کي وزيراعظم ڏسڻ چاهي ٿو، سهيل وڙائچ ان قسم جا شوشا ڇڏيندو رهندو آهي،تجزئي نگار حسن ايوب چيو ته محسن نقوي جي وزيراعظم ٿيڻ جو ڪو چانس نظر نٿو اچي، هن وقت حالتون اهڙيون ناهن جو نظام تبديل ٿئي،اسيمبلي ۾ شهبازشريف کان وڌيڪ قابل ڪو ماڻهو نظر نٿو اچي،سهيل وڙائچ محسن نقوي جي چوڻ تي اهو ڪالم لکيو يا هن جون ڳالهيون ٻڌي لکيو،سهيل وڙائچ ان کان اڳ به محسن نقوي جي پروجيڪشن ڪئي هئي جنهن تي محسن نقوي ساڻس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.