صحت جي ميدان ۾ ٻين صوبن نه پر دنيا سان مقابلو آهي: بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو/ڳڙهي خدا بخش(رپورٽ:ساجد تنيو) لاڙڪاڻي جي شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو ستون ڪانووڪيشن آريجا ڪيمپس ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه تقريب جي صدارت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب موجب قائم ڪيل هن اداري ۾ موجود هجڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته ڪانووڪيشن علم، محنت ۽ استقلال جو جشن آهي ۽ فارغ التحصيل شاگرد ملڪ جو مستقبل آهن، جن کي پنهنجي صلاحيتون انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، سنڌ حڪومت 18 هين ترميم کان پوءِ سنڌ ۾ صحت جي شعبن ۽ ادارن ۾ سيڙپ ڪري پنهنجي سياست کي صحت جي ادارن کي بهتر ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي. هي ادارا صرف نئين عمات، نئين ٽيڪنالاجي ۽ مشين سان ڪامياب نه پر هنن ۾ اچي خدمت ۽ ڪم ڪرڻ سان ئي اسان جو صحت جو نظام ترقي ڪري سگهي ٿو. هن مان فخر سان چئي سگهان ٿو وفاق 2015ع ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو ادارو حوالي ڪيو جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام سيڙپ ڪري ان اداري کي اڳتي آندو آهي. اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي، سکر يا ٻين ضلعن تائين هن اداري کي پهچايو آهي، اسان ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو ڪري فخر سان چئي سگهون ٿا ته هي سنڌ جو ادارو بڻجي چڪو آهي جتي 100 سيڪڙو دل جو مفت علاج ٿيندو آهي. جيتري مفت اسان علاج ڪندا آهيون ٻيو ڪو به ادارو ناهي جيڪو مفت علاج ڪري. اسان ايس آءِ يو ٽي سان معاهدو ڪيو آهي ان اداري کي به اسان مختلف ضلعن سکر، ڪراچي کڻي ويا آهيون، تازو مان ڪراچي ۾ ان جي عمارت جو افتتاح ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽر اديب رضوي جي محنت به توهان جي سامهون آهي، اسان هن اداري کي هر هنڌ پهچايو آهي. ٻارن جي علاج جي اداري اين آءِ سي ايڇ جو ادارو پهريان ڪراچي ۾ هو جيڪو هاڻي نوابشاهه، سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ به هي سهولتون پهچايون آهن. چائلڊ لائيف فائونڊيشن پوري سنڌ ۾ ٻارن کي ايمرجنسي سروس فراهم ڪرڻ لاءِ ايمرجنسي روم کوليا آهن. اسان پوري سنڌ جي ضلعن ۾ چاهيون ٿا ته اهڙي قسم جا ادارا هجن. هن چيو ته خيرپور جي تعلقي گمبٽ ۾ جيڪو ادارو قائم ڪيو ويو آهي اهو پاڪستان جي وڏن شهرن ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، اسلام آباد جي ڀيٽ ۾ گمبٽ جو اسپتال بهتر کان بهتر طبي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي ادارن ۾ بهتري آڻڻ جي گنجائش آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي کي وائيس چانسلر سرپلس ۾ آڻي بهتري آندي آهي، ٻيا سڌارا آڻڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان کان اڳ سنڌ ۾ صرف هڪ سنڌ يونيورسٽي هئي، 1947ع کان 2008ع تائين سنڌ ۾ 16 يونيورسٽيون هيون، اڄ اسان سنڌ ۾ 30 يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن. سنڌ جي هر ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ يونيورسٽي جو ڪئمپس يا هڪ يونيورسٽي قائم ڪيون جيئن ڏورانهن علائقن ۾ به يونيورسٽيون ٺهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي به تعليم ڏني وڃي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ايس ايم بي بي ايم يو تعليمي معيار، تحقيق ۽ سماجي ذميواري جي حوالي سان نمايان مقام حاصل ڪيو آهي، جيڪو لاڙڪاڻو ۽ پوري سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه چيو ته هي ڏينهن يونيورسٽي لاءِ فخر جو لمحو آهي، جتي شاگرد پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ڪري رهيا آهن. ڪانووڪيشن جي صدارت ڊين پروفيسر سيد يوسف شاهه ڪئي، جڏهن ته پروفيسر امان الله عباسي ڪانووڪيشن سيڪريٽري طور پنهنجا فرائض انجام ڏنا. مجموعي طور 317 شاگردن کي ڊگريون مليون، جن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جا 115، غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر جا 29، بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جا 29، بينظير نرسنگ ڪاليج جا 80، انسٽيٽيوٽ آف فارمييسي جا 29 ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزيوٿراپي جا 35 شاگرد شامل هئا۔ مجموعي طور 38 شاگردن کي تمغا ڏنا ويا، جن ۾ 18 سون، 10 چاندي ۽ 8 ڪانسي جا تمغا شامل آهن. پوسٽ گريجوئيٽ ڪيٽيگري ۾ ڊاڪٽر سونالي کي پروفيسر وزير محمد شيخ ميموريل گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر عريج کي پروفيسر نور محمد ميموريل گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر افضل حسين کي پروفيسر بلقيس ملڪ ميموريل گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر بختاور کي پروفيسر غلام رسول قريشي ميموريل گولڊ ميڊل ۽ ڊاڪٽر صبا کي پروفيسر اڪبر سيال ميموريل گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو۔ مجموعي طور ستين ڪانووڪيشن ۾ نياڻين نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.