شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس: جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي/اسلام آباد (نمائندا) سپريم ڪورٽ عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۽ لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار مولوي احمد شاهاڻي جي گرفتاري کانپوءِ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪئي، جڏهن ته مقتول جو وڪيل ڪراچي رجسٽري مان وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته واقعي کان پوءِ جوابدار تقرير ذريعي ماڻهن کي ڀڙڪايو، لاش عمرڪوٽ مان ڳوٺ آندو ويو ۽ مقتول جي والد کان زبردستي ورتو ويو. ڪيس ۾ چار شاهدن جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن. جوابدار جي وڪيل چيو ته تدفين وقت جهيڙو ضرور ٿيو پر جوابدار موقعي تي موجود نه هو، جڏهن ته لڳايل الزامن تحت وڌ ۾ وڌ هڪ سال سزا ٿئي ٿي ۽ جوابدار ڏهه مهينا کان جيل ۾ آهي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته سپريم ڪورٽ معاملي ۾ ڪجهه نٿي ڪري سگهي، درخواست واپس ورتي وڃي يا خارج ڪئي ويندي. جنهن بعد درخواست واپس ورتي وئي. عدالت ٽرائل ڪورٽ کي هدايت ڪئي ته ٽن مهينن اندر فيصلو مڪمل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.