خانپورمهر (رپورٽ: ميهرمهر ) پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خانگي دوري تي سردارڳڙھ پهچي ويو، صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر پاران سندس استقبال ڪيو ويو. ملاقات ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، بابر علي لنڊ، آصف رزاق ڌاريجو،شهريار شر ۽ ٻيا شريڪ هئا، ذريعن موجب ملاقات ۾ گهوٽڪي ضلعي جي سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري ڪجهه وقت سردارڳڙھ ۾ ترسڻ بعد عرب امارات جي وزير شيخ النيهان بن مبارڪ سان ملاقات لاءِ ريگستاني علائقي ۾ عرب شهزادن جي لڳايل ڪيمپ تي پهتو، بلاول ڀٽو زرداري عرب امارات جي وزير شيخ النيهان بن مبارڪ سان ملاقات ڪئي ۽ سندس دعوت ۾ شرڪت ڪئي.