لکي غلام شاهه/ شڪارپور (نمائندن وٽان) شڪارپور ۾ مهر، جتوئي تڪرار تان هٿياربندن هٿان قتل ٿيل گهوٽ سندس معصوم ڀاءُ ۽ ڪار ڊرائيور جي رستم شهر ۾ جنازي نماز بعد سوين آلين اکين سان تدفين، شهر ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا وئي شڪارپور پوليس پاران ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف آپريشن 4 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان سلسلي ۾ شڪارپور ۾ ڄڃ مٿان مهر، جتوئي تڪرار تان ڪيل حملي ۾ قتل ٿيل گهوٽ غلام رسول عرف الطاف حسين مهر، نينگر محمد حسن مهر ۽ ڊرائيور محمد رمضان مھر جا مڙهه رستم شهر جي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، شادي هال اندر ٽنهي مقتولن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي هر اک آلي ٿي وئي، شڪارپور پوليس طرفان ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف ٻئي ڏينهن ڳوٺ انجنيئر سعد خاناڻي جتوئي آپريشن دوران مارٽر گولا فائر ٿيڻ ڪري وڌيڪ 3 ڄڻن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، ايس ايس پي شڪارپور جي ترجمان موجب پوليس ڪارروائي اندر 4 ڏوهاري مارجي ويا آهن، ٽن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن هڪ جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پوليس آپريشن دوران 20 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿيا آهن ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جو چوڻ آهي ته قبائلي تڪرار جي آڙ م ڪنهن کي به اجازت نه آهي جو بيگناهه ڪنهن جو خون ڪري جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن پوليس آپريشن دوران مارجي ويل ٽن ڄڻن ۾ مهربان سعدخاناني مالڪ ڏنو ۽ اربيلو سعدخاناڻي جتوئي شامل آھن، ٻئي طرف پ پ ايم پي اي محمد عارف خان مھر رستم شهر پهچي مقتول گهوٽ غلام رسول عرف الطاف مهر نينگر محمد حسن مهر ڊرائيور محمد رمضان مھر جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جتوئي برادري ڄڃ تي حملو ڪري غلط روايت وڌي آهي جنهن ۾ گهوٽ معصوم ڀاءُ ۽ ڊرائيور سميت قتل ٿي ويو گهوٽ جي امڙ ۽ ماسي زخمي ٿيل آهن اهڙي حرڪت نه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته شاديون هر هڪ وٽ ٿينديون آهن پوليس کي گهرجي ته جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري مقتولن جي وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي، هوڏانهن خبر موڪلڻ تائين پوليس آپريشن دوران مارجي ويلن جا لاش خانپور اسپتال ۾ پيل رهيا، نوجوان مهربان سعدخاناني جتوئي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته هو خانپور شهر اندر سرسو جي سهڪار سان هلندڙ اسڪول جو اٺين ڪلاس جو شاگرد هو.
وڏيرا ۽ سردار قبيلائي تڪرارن تي سياست ڪن پيا: ام رباب
ميھڙ (رپورٽ: فرازچنا) ام رباب چانڊيو وڊيو بيان جاري ڪندي شڪارپور واقعي تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي ته اھڙي واقعيمون سميت انسانيت جو درد رکندڙ ھر ماڻھو جو جيءُ جھوري ڇڏيو آھي، جتي باهه لڳندي آھي ھنڌ به اھو سڙندو آھي، شڪارپور واقعي مون کي پنھنجو واقعو ياد ڏياري زخم تازا ڪري ڇڏيا آھن، ھي جيڪو واقعو اسان جي نظر مان گذريو آھي ان تي دل رت جا ڳوڙھا روئي رھي آھي، گهوٽ جي امڙ ۽ ڪنوار جا ڪيترا ارمان ھوندا شادي جون خوشيون ھجن ۽ ان خوشين ۾ دشمن وڃي ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏن ٿا هي وڏو ظلم آهي، ھن چيو ته ھي ڪنھن دشمن جي ھلايل گولي نه پر قبيلائي انا ۽ غلط فيصلن جي ھلايل گولي آھي جنھن ڪيترائي گھر اجاڙي ڇڏيا آھن ھي پھريون واقعو نه پر قبائلي تڪرارن ۽ جھيڙن سبب اھڙا ڪيترائي واقعا پيش آيا پر ڪڏھن سردارن جاگيردارن کي پنھنجي اولاد جا لاش ڇو نه مليا آھن، وڏيرا سردار جاگيردار اھڙن تڪرارن تي سياست ڪندا اچن ٿا ۽ مھر جتوئي تڪرار جو فيصلو رکيل ھيو ان کان پڇن ٿا اھو فيصلو ڇو نه ٿي سگھيو.
چونڊيل نمائندا ۽ سردار قبيلائي تڪرارن ۾ ملوث آهن:عوامي ورڪرز پارٽي
نصيرآباد (پ ر)عوامي ورڪرز پارٽي اڳواڻن شڪارپور واقعي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ اندر قبائلي جھيڙن جينالي ۾ ٿيندڙ خوني وارداتن، قتل عام ۽ بدامنيءَ جي پٺيان سڌو سنئون رياستي نظام، جاگيرداراڻي سياست ۽ حڪمران طبقن جي ڄاڻي واڻي لاپرواهي ذميوار آهي. سال 2025 دوران پوري سنڌ ۾ قبائلي جھيڙن جي نالي ۾ سوين انسان قتل ٿي چڪا آهن، جن ۾ پروفيسر، استاد، صحافي، نوجوان شاگرد، ڳاڙها ڳڀرو گھوٽ، مزدور ۽ هاري شامل آهن، جڏهن ته ڪيترين ئي عورتن کي بيواهه ۽ ٻارن کي يتيم ڪيو ويو آهي، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ علي نواز نظاماڻي ۽ جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ اثر امام پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قبائلي جھيڙن کي رڳو ”مقامي تڪرار“ قرار ڏيڻ حقيقتن کان اک ٻوٽڻ برابر آهي. حقيقت اها آهي ته قبائلي جھيڙن وارن علائقن جا بااثر ايم اين اي، ايم پي اي ۽ حڪومتي وزير نه رڳو انهن جھيڙن کي روڪڻ ۾ ناڪام آهن، پر ڪيترن ئي هنڌن تي اهي پاڻ ڌرين جي پٺڀرائي، سرپرستي ۽ سياسي تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن، شڪارپور ۾ ڄڃ مٿان ٿيل حملي ۾ گھوٽ سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.
شڪارپور ۾ رت جي راند وارو واقعو افسوسناڪ آهي: جماعت اسلامي
ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ شڪارپور ۾ گھوٽ سوڌو قبيلائي دھشتگردي ۾ ٽن ڄڻنجي قتل واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ھن کي لاقانونيت جي انتھا ۽ سنڌ تي مڙھيل پ پ جي سترھن سالن جي ڪاري دور جو نتيجو قرار ڏيندي چيو ته شڪارپور ۾ رت جي راند تي ڪٿي آھي حڪومت قانون ۽ انصاف؟سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي جھيڙا ھڪ ناسور بڻجي ويا آھن پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ حڪومت کي ان دھشتگردي ۾ ملوث ظالم سردارن جي پٺڀرائي ختم ڪرڻ گھرجي. 18مھينن دوران صرف مھر. جتوئي قبيلائي تڪرار ۾ 50 کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ويو جڏھن ته سوين ويڙھا ۽ ھزارين گھر ويران ٿي چڪا آھن.
سردارن خلاف ڪارروائي کانسواءِ سنڌ ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي:عوامي تحريڪ
حيدرآباد (پ ر) شڪار پور ۾ ڄڃ تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري،مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي ۽ ممتاز کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته شڪارپور سانحي کي قبيلائي تڪرار جو نالو ڏئي پوليس قاتلن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. عوام جي جان ۽ مال جي ذميواري رياست جي آهي، سنڌ سرڪار ماڻهو ماريندڙ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کي گرفتار ڪري يا حڪومت ڇڏي ڏئي، سنڌ ۾ امن آهي جون حڪومتي دعوائون ڪوڙ ۽ فراڊ آهن، قبيلائي دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن جا سرپرست قبيلائي سردار آهن، سردارن خلاف قانوني ڪارروائي کانسواءِ سنڌ ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. شڪارپور ۾ ڄڃ تي حملو ڪنهن مخصوص قبيلي يا ذات تي نه پر سنڌ جي امن ۽ ثقافت تي حملو آهي. سيهرن ۽ ڳيچن کي ماتم ۾ تبديل ڪندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ڌاڙيلن جي مان ۾ دعوتون رکندڙ سنڌ جو گهرو وزير فوري طور استيفعا ڏئي
قبيلائي جهڙن ۾ چونڊيل نمائندا، وڏيرا ۽ سردار ملوث آهن: سوشل ميڊيا
ڪراچي: شڪارپور ۾ گهوٽ غلام رسول، سندس ننڍي ڀاءُ ۽ ڊرائيور نوجوان جي قتل کان پوءِ سوشل واهپيدار واقعي جو ذميوار چونڊيل نمائندن، سردارن ۽ ڀوتارن کي قرار ڏيندي چئي رهيا آهن ته قبيلائي جهڙا سردار ۽ ڀوتار پنهنجي فائدي لاءِ ڪرائي رهيا آهن، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن فيصلو ٿيڻو هو ته ڇو نه ڪيو ويو، هٿياربندن کي ڄڃ مٿان فائرنگ نه ڪرڻي هئي، هڪ صارف لکيو ته چونڊيل نمائندن ۽ سرڪار کي گهرجي ته قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن.
ذاتي تڪرار ۾ پوليس کي نه پوڻ گهرجي، پوليس چوڪين تي حملا ڪنداسين: جوابدارن جو وڊيو بيان
شڪارپور : شڪارپور ۾ مهر جتوئي تڪرار تان گهوٽ سوڌو ٽن ڄڻن جي قتل کان پوءِپوليس جي آپريشن تي جوابدارن پاران وڊيو بيان جاري ڪيو ويو آهي ته ايس ايس پي اسان جو ذاتي قبيلائي جهيڙو هلي رهيو آهي، اوهان اسان مٿان ڊرون حملا ڪري رهيا آهيون، اسان به هاڻ تيار آهيون، پوليس جي چوڪين کي اڏائي ڇڏينداسين، جوابدار هٿن ۾ جديد هٿيار کڻي ايس ايس پي توڙي پوليس کي خبردار ڪري رهيا آهن ته اسان خلاف آپريشن نه ڪيو، اسان جو ذاتي مسئلو آهي.
ڀاءُ ڪار ڏهاڙي تي هلائيندو هو: قتل ٿيل ڊرائيور جو ڀاءُ روئي ويٺو
شڪارپور: شڪارپور ۾ ڄڃ جي ڪار مٿان فائرنگ ۾ گهوٽ سان گڏ قتل ٿيل ڊرائيور محمد رمضان مهر جي ڀاءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي روئيندي ٻڌايو ته ڪار پنهنجي به نه هئي، ڀاءُ ڀاڙي تي ڪار هلائيندو هو، هن چيو ته بيگناهه ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي، اسان جو جهيڙي سان ڪو به تعلق ناهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.