نئين سال جي آمد جا عالمگير جشنَ

تحرير: ياسر قاضي

سڀاڻي سال جو آخري ڏينھن آهي ۽ سڀاڻي هر سال وانگر سڄيءَ دنيا ۾ نئين سال جي آمد جو جشن ملھايو ويندو ۽ شام ٿيندي ئي دنيا جي مختلف حصن ۾ 2026ع کي گرمجوشيءَ سان ڀليڪار ڪيو ويندو. ڇا اوهانکي خبر آهي ته دنيا جو اهو ڪھڙو ملڪ آهي، جيڪو هر سال سڀ کان پھريان نئين سال کي ڀليڪار ڪندو آهي؟ ۽ ڪھڙو ملڪ نئين سال کي سڀني کان آخر ۾ خوش آمديد چوندو آهي؟

دنيا 24 مُک ’وقت جي زونس‘ (Time Zones) ۾ ورھايل آهي. هيءَ ورڇ اُڀين (عمُودي ــ Vertical) لڪيرن جي صورت ۾ ٿيل آهي، پر اهي ليڪُون هڪ ڪَريون ۽ سڌيون ناهن. اهي ليڪُون دنيا جي گول هجڻ سبب وَريلَ آهن ۽ ٻي ڳالھه ته اهي ليڪون اڪثر ملڪن ۽ خطن جي اِنگڙوِنگڙ سرحدن جي پوئواري ڪندي بي ترتيب انداز ۾ آهن. بھرحال اهو طئي آهي ته ٻن لڪيرن جي وچ واري حصي ۾ هڪ ٽائيم زون آهي. دنيا جي گولي جي اها حد ظاهر ڪندڙ ليڪَ ”بين الاقوامي تاريخ واري ليڪ“ (International Dateline) چورائي ٿي، جتان ڪئلينڊر جو نئون ڏينھن ڳڻجڻ شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ اوڀر کان اولھه واري پاسي وقت وڌي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ان ’عالمي ڊيٽ لائين‘ جي ڀر وارن علائقن ۽ ملڪن ۾ نئين تاريخ سڀ کان اڳ شروع ٿئي ٿي. اها عالمي ڊيٽ لائين به باقي ٽائيم زونس وارين ليڪن وانگر سڌي ناهي.

 ان ’عالمي تاريخ واري ليڪَ‘ جي ويجهو وارن ملڪن ۾ سڀ کان ويجهو ملڪ، پئسفڪ سمنڊ جي وچ ۾ واقع ”ڪريباتي“ آهي، جيڪو آسٽريليا کنڊ جي ’اوشنيا‘ واري علائقي ۾ واقع آهي. هي هڪ لک 20 هزار ماڻھن جي آدمشماريءَ تي ٻڌل هڪ ڏورانھون ملڪ آهي، جنھن بابت اوهان مان گهڻن ٻڌو به ڪونه هوندو. اتي نئون سال دنيا جي گولي تي سڀ کان اڳ ۾ شروع ٿيندو آهي. هن ننڍڙي رياست جي بنانا، لنڊن، پئرس ۽ پولينڊ نالي ڳوٺن ۾ رھندڙ ماڻھو دنيا جا پھريان لوڪ هوندا آهن، جيڪي نئين سال کي سڀ کان اڳ ڀليڪار چوندا آهن. ڪريباتيءَ کانپوءِ نئون سال نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا پھچندو آهي. جنھن بعد اهو ايشيا ۾ داخل ٿيندو آهي. ايشيا ۾ پھريان اھو ڏُور اوڀر، پوءِ وچ ايشيا، ڏکڻ ايشيا کان وچ اوڀر ۽ خليجي رياستن ڏانھن وڌندو آهي. ايشيا کانپوءِ اهو تِرڪندو گِهرڪندو، يورپ ۽ افريڪا ڏانھن سُرندو آهي. جنھن کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ اهو امريڪا پھچندو آهي ۽ جڏهن لڳ ڀڳ سڄي دنيا نئين سال ۾ ساھه کڻڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي، ته پوءِ اهو جشن ان جاءِ تي پھچندو آهي، جيڪو ’عالمي ڊيٽ لائن‘ جي لحاظ کان ڌرتيءَ واسين جو سڀ کان آخري مسڪن آهي. جيڪو ماڳ آهي ”امريڪي سموئا“، جيڪو امريڪا جو مختلف ٻيٽن تي ٻڌل علائقو آهي. هن خطي بابت دلچسپ ڳالھه اها آهي ته ’اميريڪن سموئا‘ کان رڳو 70 ڪلوميٽر پري عالمي ڊيٽ لائن جي پرينءَ ڀَر”سموئا“ نالي ملڪ آهي، جنھن جو معياري وقت ”امريڪي سموئا“ (ٻيٽائتي خطي) کان پورا 25 ڪلاڪ اڳتي آهي. يعني، جڏهن ”اميريڪن سموئا“ ۾ نئون سال شروع ٿئي ٿو ۽ گهڙي رات جا 12:00 وڄائي ٿي، ته ان کان 70 ڪلوميٽر پري، عالمي ڊيٽ لائين جي پرئين پار ”سموئا“ ۾ 2 جنوري ٿي چڪي هوندي آهي ۽ رات جو 1:00 ٿي رهيو هوندو آهي ۽ هڪ پورو ڏينھن گذري چڪو هوندو آهي. هن خطي جي آسپاس رهندڙ ڪجهه متوالا اهو دلچسپ ڪم به ڪندا آهن، جو اهي ”سموئا“ ۾ هڪ ڏينھن اڳ نئون سال شروع ڪري، ان جو جشن ملھائي، وري سمنڊ رستي ڪنھن بحري جھاز يا هوائي جھاز ۾ چڙهي اهو 70 ڪلوميٽرن جو سفر ڪري ”اميريڪن سموئا“ ٻيٽ تي اچي، 25 ڪلاڪ پوءِ ٻيھر نئين سال جي جشن ۾ شريڪ ٿيندا آهن. بالڪل ايئن، جيئن کوڙ ماڻھو انڊونيشيا، سينگارپور، ٿائيلينڊ يا وچ اوڀر جي ڪنھن ملڪ ۾ (جتي عيد هڪ ڏينھن اڳ ملھائي ويندي آهي ۽ عمومي طور تي هجري تاريخ ۾ هڪ ڏينھن جو فرق هوندو آهي) عيد ملھائي، شام جو هوائي جھاز ۾ پاڪستان اچي، ٻئي ڏينھن پاڪستان ۾ به عيد ملھائيندا آهن ۽ ايئن هُو هڪ عيد جون ٻه ڀيرا نمازون ادا ڪندا آهن.

’امريڪي سموئا‘ کان وڌيڪ دلچسپ ”بيڪر آئلينڊ“ ۽ ”هائولينڊ آئيلينڊ“ نالي ٻه ٻيا امريڪي سرڪار هيٺ ايندڙ ٻيٽ آهن، جتي نئون سال ”اميريڪن سموئا“ واري خطي کان به هڪ ڪلاڪ دير سان (يعني ”سموئا“ ملڪ کان 26 ڪلاڪ پوءِ) پھچي ٿو. پر جيئن ته ان خطي ۾ ڪوبه آدم زاد ڪونه ٿو وسي، تنهنڪري انھن ٻيٽن تي نئين سال کي سامونڊي پکين کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڀليڪار ڪرڻ وارو ڪونھي هوندو.

هونئن ته سڄيءَ دنيا ۾ اڻ ڳڻين جاين تي نئين سال جي آمد جا جشن ملھايا وڃن ٿا، پر جيڪڏهن دنيا جي مُک 10 وڏن جشنن جو ذڪر ڪيون ته اهي هِي آهن:

1 ــ سڊني (آسٽريليا): ’سڊني هاربر‘ جا آتشبازيءَ جا  ڏيکَ سڄي دنيا ۾ مشھور آهن، جيڪي لکين ماڻھن کي پاڻ ڏانهن متوجھه ڪن ٿا. هن آتشبازيءَ سان سڊنيءَ جو ’اوپيرا هائوس‘ رنگن ۾ وهنجي وڃي ٿو. هي دنيا جو پھريون وڏو جشن سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو نئين سال کي ڀليڪار ڪري ٿو. هتي اسانجي ملڪ کان 6 ڪلاڪ اڳ نئون سال شروع ٿئي ٿو ۽ جڏهن اسان وٽ شام جا 6:00 ٿين ٿا ته آسٽريليا ۾ نئين سال جي آمد جا ڦٽاڪا وڄن ٿا. ڇاڪاڻ ته ان وقت اتي رات جا 12:00 ٿي رهيا هوندا آهن.

2 ــ نيو يارڪ (امريڪا): دنيا جي اقتصادي راڄڌانيءَ نيويارڪ جي مشھُور ’ٽائمز اسڪوائر‘ جو ’بال ڊراپ‘ نئين سال جي آمد جو هڪ روايتي جشن آهي، جيڪو نيويارڪ ۾ موجود سڄيءَ دنيا جي ماڻھن کي گڏ ٿيڻ جو موقعو ڏئي ٿو ۽ عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ٿو.

3 ــ دبئي (گڏيل عرب رياستون / امارات): دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي عمارت ’برج خليفه‘ جي آتشبازي ڏند ڪٿائن جھڙي حسين آهي، جتي سڀ کان اڳ ۾ رات جا 12:00 ٿيڻ کان اڳ واري ’اُبتي ڳڻپ‘ (ڪائونٽ ڊائون) ڏسڻ لائق هوندو آهي ۽ ان کانپوءِ ڪيتري دير تائين ٿيندڙ آتشبازي آسمان کي رنگن ۽ روشنين سان منوّر ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ’برج خليفه‘ جي پوري عمارت اسڪرين بڻجي ويندي آهي، جنھن تي طرحين طرحين رنگن ۾ نئين سال جون مبارڪون سھڻي انداز ۾ لکجي اينديون آهن. ’دبئي مال‘ جي پويان پاڻيءَ جي هٿرادو تلاءَ ۾ ٿيندڙ پاڻيءَ جي ’نچندڙ ڦُوهارن‘ (ڊانسنگ فائونٽين) وارو کيل، عام ڏينھن ۾ ئي سيّاحن جي ڌيان جو مرڪز هوندو آهي، پر نئين سال جي آمد جي موقعي تي هتي ٿيندڙ جشن عالمي جشنن ۾ وڏي هاڪ رکندڙ جشنن ۾ شمار ٿيندو آهي، جنھن تي اماراتي حڪومت تمام گهڻو خرچ ڪندي آهي.

4 ــ رِيو ڊي جينيرو (برازيل): ’ڪوپاڪبانا‘ سمنڊ جي ڪناري برازيل ۾ ٿيندڙ نئين سال جو هي جشن، دنيا جي وڏين نئين سال جي پارٽين مان هڪ هوندو آهي، جنھن ۾ لکين ماڻھو شريڪ ٿيندا آهن.

5 ــ ٽوڪيو (جاپان): ٽوڪيو جو ’شيبويا ڪراسنگ‘ وارو لنگُهه، نئين سال جي ابتي ڳڻپ (ڪائونٽ ڊائون) ۽ نرالي جشن سبب دنيا ۾ مشھور هنڌ آهي.

6 ــ لنڊن (برطانيه): لنڊن شھر جي وچان وھندڙ ٿيمز درياهه جي ڪناري ’لنڊن آءِ‘ (London Eye) نالي وڏي چوڏيلَ ويجهو نئين سال جي آمد کي ڀليڪار چوڻ لاءِ شاندار تقريبون ۽ عظيم الشان آتشبازي منعقد ڪئي ويندي آهي. جنھن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پري پري ۽ ڏورانھن ملڪن کان ماڻھو اچي شريڪ ٿيندا آهن. اها ڳالھه پوري برطانيه ۾ مشھُور آهي ته لنڊن واسي کوڙ سارا ٽيڪسي ڊرائيور ان شام ٽيپھريءَ کان وٺي ’لنڊن آءِ‘ ڏانھن ويندڙ ۽ هي جشن ملھائيندڙ مسافرن کان نئين سال جي آمد جي خوشيءَ ۾ ڪرايو ناھن وٺندا.

7 ــ پئرس (فرانس): نئين سال جي جشن لاءِ يورپ ۾ بھترين جڳھن مان هڪ هنڌ، ’سڳنڌن جي شھرَ‘ ــ پئرس جو ’آئيفل ٽاور‘ به آهي، جنھن جي آسپاس نئين سال جي آمد جي خوشيءَ ۾ ٿيندڙ آتشبازي ۽ شاندار سانجهاندو (رات جي ماني) کائڻ لاءِ به سڄي دنيا منجهان سيّاح ڪھي هتي ايندا آهن.

  1. بئنڪاڪ (ٿائيلينڊ): سيّاحن لاءِ سڄو سال پرڪشش سمجهيو ويندڙ بئنڪاڪ، نئين سال جي آمد ويل به ٻانھون کولي اڌ دنيا جي سيّاحن جو آڌر ڀاءُ ڪندو آهي. ڪجهه ملڪن کي ڇڏي، باقي سڄيءَ دنيا لاءِ نئين سال جي آمد وارن ڏينھن ۾ ٿائيلينڊ، ويزا جي پابندي هٽائي، ملڪ ۾ ’وِيزا فري‘ داخلا کولي ڇڏيندو آهي. هتان جو سستو اسٽريٽ فوڊ ۽ ڇتين تي سينگاريل شراب خانا (Bars) نئين سال جي آمد واري سڄي رات صبح تائين کليل ۽ ماڻھن سان ڀريل هوندا آهن.

9 ــ سينگاپور: نئين سال جي آغاز واري رات سينگاپور جي ’مرينا بي سينڊز‘ (جتان جو شينھن جي وات مان نڪرندڙ ڦُوهاري وارو يادگار سڄي دنيا ۾ مشھور آهي) تي ٿيندڙ آتشبازي ۽ ليزر شو ڏسڻ وٽان هوندا آهن. جنھن کي ڏسڻ لاءِ پڻ ڏيھي توڙي پرڏيھي سيّاحن جو وڏو انگ هتي ايندو آهي ۽ رنگين روشنين سان ڌوتل آسمان جي نظارن منجهان لطف اندوز ٿيندو آهي.

10 ــ گووا (ڀارت): ڀارت جي گووا شھر جو سھڻو ساحل نئين سال جي ميڙاڪي ۽ پارٽيءَ لاءِ پرڪشش ماڳ طور ملڪان ملڪ مشھور آھي، جتي سمنڊ جي سھڻي ڪناري پارٽيون ٿين ٿيون ۽ هتي اڳواٽ موجود ڪلبُون ۽ جُوا خانا (Casinos) هن رات ماڻھن جي تمام گهڻي پيھه ڏسن ٿا ۽ ماڻھو وڏي انگ ۾ هتي پڻ نئين سال جون خوشيون ملھائڻ اچن ٿا.

توھان نئين سال جو جشن ڪٿي ۽ ڪيئن ملھائيندا؟ شال نئون سال اوھان سڀني لاءِ سوڀارو ثابت ٿئي!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.