حڪومت، مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلڻ جي روايت وجهي

                 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ملڪ کي پيش آيل معاشي ۽ سياسي مسئلن جو حل مفاهمت ۽ سياسي استحڪام آهي. پي ٽي آءِ کي پنهنجي انتهاپسندي واري سياست ڇڏي جمهوري حدن اندر واپس اچڻ گهرجي. اهڙو اظهار هُن لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مفاهمت سياست جي دائري ۾ رهندڙ جماعتن سان ڪرڻي پوندي آهي، اهو عمل اپوزيشن کي ڪرڻو پوندو ۽ حڪومت کي به اهڙا قدم کڻي پارليامينٽ کي فعال ڪرڻ گهرجي. اهڙي قسم  جا قدم سياسي جماعتن ۽ سياسي ڪارڪنن کي کڻڻا پوندا ته جيئن سياست ۾  هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ جي گنجائش نڪري سگهي. محترمه بينظير ڀٽو جو آخري سياسي پيغام سياسي جماعتن پاڻ ۾ مفاهمت جو هو. منهنجو موقف صرف ڪنهن هڪ جماعت جي حوالي سان ناهي پر مجموعي طور پاڪستان جي سياسي صورتحال، ملڪ جي معاشي ۽ جمهوري ترقي جي ڳالهه آهي ته اسين پاڪستان جي سياست کي ان سطح تي آڻيون جنهن ۾ حڪومت ۽ ان جي ساٿي جماعتن کي به ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته گڏيل اپوزيشن جماعتن کي به ذميوار ڪردار ادا ڪرڻو پوندو باقي جيڪڏهن انتهاپسندي جي سياست ڪئي ويندي ته پوءِ منهنجي خيال ۾ ان جي جواب ۾  جيڪا سختي ملندي پوءِ ان جي شڪايت به نه ڪرڻ گهرجي. قومي ادارن تي حملا ڪبا ته يقينن سختي ٿيندي ۽ آئين موجب اوهان جي خلاف ايڪشن  ته ٿيندو. جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارو 9 مئي وارو عمل اسان ڪيون ها ته شايد اسان سان اڃان وڌيڪ سختي ٿئي ها. هن اهو به چيو ته سياسي جماعتن کي ويجهو آڻڻ ۾ مفاهمت جو بادشاهه صدر آصف زرداري ئي بهتر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

اسان هن معاملي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي موقف سان نه رڳو متفق آهيون پر اهڙو موقف اسان ٻه سال اڳ فيبروري 2024ع جي چونڊن کان پوءِ ڏنو هيو ته سياسي ۽ جمهوري جماعتن کي پراڻن ۽ تلخ تجربن جي روشني ۾ هاڻي  نئين ۽ سهڪاري سياست ڪرڻ گهرجي ۽ انتقامي سياست کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ گهرجي پر افسوس ته ايئن نه ٿيو. جيستائين پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جو تعلق آهي ته بدقسمتي سان اها وري رياست سان ٽڪراءُ ۾ اچي وئي تنهن ڪري ان جو معاملو هاڻي رياستي پاليسي سان سلهاڙجي ويو آهي جيستائين رياستي پاليسي پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي حوالي سان تبديل نه ٿيندي تيستائين حڪمران جماعت يا ان جي اتحادي جماعتن لاءِ ان سان ڳالهيون ڪرڻ آسان نه هوندو تنهن  ڪري ئي بلاول ڀٽو زرداريءَ اهو درست موقف اختيار ڪيو آهي ته سياست هڪڙن سياسي دائرن ۾ رهندي ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن رياست سان ٽڪراءُ ۾ اچبو ته پوءِ سخت ترين ردعمل ۽ پاليسي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. سو پي ٽي آءِ  ۽ ان جي سربراهه عمران خان لاءِ هاڻي تڏهن ئي سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ۾ تبديلي اچي ۽ ان صورت ۾ پاليسي تبديل ٿئي ۽ پي ٽي آءِس کي نئون موقعو ملي وڃي ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن)  جو به اهڙو ٽڪراءُ جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل مشرف سان رهيو هو  جو انهن سندن حڪومتن کي ختم ڪيو هو ۽ ايئن پي ٽي آءِ جو موجوده اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ آهي. پر پ پ، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ ۾ اهو فرق ضرور آهي ته انهن احتجاجن ۽ تحريڪن ۾ فوجي عمارتن کي نشانو نه بڻايو هو. جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ ان الزام کي رد ڪندي آهي ۽ چوندي آهي ته 9 مئي واري ڪيسن جي غير جانبداراڻي جاچ ڪرائي وڃي جنهن جو بدقسمتي سان اسان جي ملڪ اندر رواج نه رهيو آهي.

بهرحال پنهنجو موضوع اهو آهي ته اقتداري ۽ پارلياماني جماعتن کي جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مفاد تحت پاڻ ۾ مفاهمتي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ ان معاملي ۾ خاص ڪري هر دور جي حڪمران جماعت کي پهل ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها اونئن ئي حڪومت ۾ هوندي آهي جيڪڏهن اها مخالف ڌر کي پاڻ گڏ کڻي هلندي ته جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي ته فائدو رسندو ئي رسندو پر ان جو گهڻي ۾ گهڻو فائدو حڪومت کي ئي ٿيندو. ڪنهن به حڪومت خلاف جيڪڏهن اپوزيشن جون جماعتون روڊن تي هجن ۽ تحريڪون هلائين ته ان سان حڪومتون ڪمزور ئي ٿينديون آهن، پ پ کي ئي ڏسجي خاص ڪري بينظير ڀٽو جي ميثاق جمهوريت ۽ آصف زرداري جي مشهور مفاهمتي پاليسي کان پوءِ پ پ جو اميج ملڪ اندر هڪ ذميوار جماعت طور قائم ٿيو آهي ۽ انهن پاليسين جو ئي نتيجو آهي جو اڄ ماضي جون ٻه سخت ترين حريف جماعتون هڪٻئي سان حڪومتي اتحادي آهن پر پي ٽي آءِ پاڻ سان اهو مسئلو پيدا ڪيو آهي ته ان جي تبديلي وارو منشور آهي ئي پ پ ۽ مسلم ليگ جي خلاف. اها سمجهندي آهي ته اهي ٻه حڪمران جماعتون ڪرپٽ رهيون آهن، چور آهن تن کان حساب ڪتاب وٺڻ گهرجي يعني ان جو اصل سياسي مقابلو غير جمهوري طاقتن سان نه پر پارلياماني جماعتن سان آهي جيڪي ڪافي ڀيرا عوام کان ووٽ وٺي  صوبائي توڙي وفاقي حڪومتون ڪري چڪيون آهن پر پي ٽي آءِ انهن سياسي ۽ جمهوري جماعتن سان ڪڏهن به دلي طور ڳالهيون ڪرڻ نه چاهيون آهن. اها اسٽيبلشمينٽ کي ئي طاقت جو سرچشمو سمجهندي ان سان ڳالهيون ڪرڻ جي خواهشمند رهي آهي جنهن کي اسان نظرياتي طور تي غير جمهوري عمل ۽ رويو سمجهون ٿا. سو جيستائين پي ٽي آءِ پنهنجو قبلو درست نه ڪندي تيستائين سندس واپسي مشڪل آهي.

پر هتي اسان اصل ۾ وقت جي حڪومت سان مخاطب آهيون ته اها پنهنجي طور پارلياماني جماعتن جي روايت وجهڻ جو جيڪو سونهري موقعو دستياب آهي تنهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري مثال طور تي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي لاهور ويل هو ته ان سان پنجاب جي حڪومت کي سٺو ورتاءُ ڪري هڪ سٺو مثال پيش ڪرڻ گهربو هو جيڪو ضايع ڪيو ويو پر خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي اهو چئي لاهور مان واپس وريو ته پنجاب حڪومت جي بدسلوڪيءَ کي هو ياد رکندو. اسان جو خيال اهو آهي ته اهو دشمني وارو رويو پارلياماني  جماعتن کي هڪٻئي سان نه پر سهڪاري، مفاهمتي ۽ جمهوري رويو اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن جي ضرورت کي پ پ جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ به محسوس ڪيو آهي جنهن کي ان اظهاريو به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.