ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) سال 2025 دوران ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثا انتهائي ڳڻتي جوڳا ثابت ٿيا آهن، جنهن بعد شهر جو مجموعي ٽريفڪ نظام هڪ ڀيرو ٻيهر سوالن جي ور چڙهي ويو آهي. انگن اکرن موجب هنسال ٽريفڪ حادثن سبب 850 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 12 هزار کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيا آهن. هيوي ٽريفڪ حادثن ۾ وڏو سبب بڻجي رهي آهي، جتي ڊمپرن جي ٽڪرن سبب 44، ٽرالرن سان 99، واٽر ٽينڪرن سان 60، مزدا گاڏين سان 20 ۽ بس حادثن ۾ 33 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا. فوت ٿيندڙن ۾ 660 کان وڌيڪ مرد، 87 عورتون، 73 ٻار ۽ 22 نياڻيون شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ به وڏي انگ ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن. شهري چون ٿا ته تيز رفتاري، اوورلوڊنگ، قانون جي ڀڃڪڙي ۽ خراب انفراسٽرڪچر حادثن جا وڏا سبب آهن. اي چالان نظام هوندي به ڊرائيورن جي روين ۾ سڌارو نظر نٿو اچي، جنهن سبب روڊن تي سفر خطري کان خالي ناهي جڏهن ته پوليس رڳو دعوائون ڪري رهي آهي.