ڪراچيءَ ۾ سياري جي پهرئين وسڪاري جي اڳڪٿي، ٿڌ وڌي ويندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ سياري جي پهرئين وسڪاري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب، هوا ۾ گهم جو تناسب 76 سيڪڙو آهي، شهر ۾ اڱاري کان اربع جي وچ ۾ اولهه هوائن جو سسٽم اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اوتر اولهه کان هلڪي رفتار ۾ هوائون گُهلي رهيون آهن، شهر ۾ اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 26 کان 28 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته 30 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ سياري جي پهرين برسات جو امڪان آهي، جنهن سبب ٿڌ جي شدت وڌي ويندي.
ترجمان موجب، حيدرآباد، بدين، ٺٽي، ميرپور خاص ۽ ٿرپارڪر جي ڪجهه علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري رهندو.
موسميات کاتي موجب، برسات جو اِهو سلسلو ٻه جنوري تائي جاري رهندو، جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.