سون يڪدم هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن في تولي سون جي اگهه ۾ اڄ هزارين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 5500 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 70 هزار 162 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 4715 رپيا گهٽتاتي کانپوءِ 4 لک 3 هزار 88 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 55 هزار لاٿ سان 4478 ڊالر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.