حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته سنڌ ۾ لاقانونيت آھي شڪارپور ۾ نوجوان الطاف مھر جو قتل افسوسناڪ عمل آھي جو شادي کان ھڪ ڏينھن اڳ قتل ڪيو ويو سندن قاتلن کي قانوني شڪل ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي روڊ رستا غيرمحفوظ بڻجي ويا آھن انصاف اڻلڀ ٿي ويو آھي، شڪارپور، گھوٽڪي ۽ ڪشمور ۾ قبلائي جھيڙن سبب ڪيترائي خاندان تباھ ٿي ويا آھن سنڌ کي ھڪ وٺي قبلائي تڪرارن جي ور چاڙھيو ويو آھي ته ٻئي طرف منشيات جي وڪري ۽ واهپي ۾ وڏي واڌ ڪئي وئي آھي وڌندڙ منشيات جھالت پيدا ڪندي قانون جي رٽ ناڪام آھي جيڪا ڌوھارين خلاف ڪو به قدم کڻن لاءِ تيار ناھي ڌاڙيلن لوفرن کي ڇوٽ ڏني وئي آھي قبلائي جھيڙن ۾ لاتعداد انساني جانيون ضايع ٿي ويون آھن، سنڌ کي ھٿ وٺي بگھڙن حوالي ڪيو ويو آھي سنڌ جيڪا پرامن سنڌ ھئي اھا سنڌ بدامني جي ور چڙھيل آھي سنڌ پوليس وزيرن مشيرن ڪامورن کي پروٽوڪول ڏيڻ ۾ پوري آھي ۽ امن امان تي ڪو به ڌيان ڪونھي مقتول گھوٽ الطاف مھر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.