گڏيل عرب اماراتن طرفان فوجي فائونڊيشن جا هڪ ارب ڊالر جا شيئر خريدڻ تي سوشل ميڊيا تي اعتراض

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته متحده عرب امارات (يو اي اي) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ رکيل ٽن ارب ڊالرن مان هڪ ارب ڊالر قرض بدران سيڙپڪاري طور استعمال ڪندو. هن منصوبي تحت يو اي اي، فوجي فائونڊيشن سان لاڳاپيل ڪمپنين جا هڪ ارب ڊالر ماليت جا شيئرز خريد ڪندو، جنهن بعد اها رقم پاڪستان تي واجب الادا نه رهندي.فوجي فائونڊيشن پاڪستان جو هڪ وڏو ڪاروباري ٽرسٽ آهي، جيڪو فوج مان رٽائرڊ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ قائم ڪيو ويو آهي،ان جي انتظاميه رٽائرڊ فوجي آفيسرن تي ٻڌل آهي، پر ان هيٺ ڪم ڪندڙ ڪمپنيون ڪمرشل بنيادن تي هلن ٿيون،معاشي ماهر علي خضر بي بي سي ڳالهائيندي چيو ته   هي اصل ۾ اڪائونٽنگ ٽريٽمينٽ آهي،يو اي اي کي هڪ ارب ڊالر واپس ڏيکاريا ويندا،ساڳي رقم فوجي فائونڊيشن جي شيئرز جي صورت ۾ سيڙپڪاري بڻجي ويندي،حڪومت  فوجي فائونڊيشن کي روپين ۾ هڪ ارب ڊالر جي برابر رقم ادا ڪندي،معاشي ماهر شهريار بٽ جو چوڻ آهي ته پاڪستان تي هڪ ارب ڊالر جو قرض ختم ٿيندوپر يو اي اي کي هاڻي وياج بدران منافعي جي ادائيگي ڊالرن ۾ ڪرڻي پوندي ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي اعتراض اٿي رهيا آهن،ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار مزمل اسلم چيو ته  فوجي فائونڊيشن ته سرڪاري ادارو ناهي،پوءِ پرڏيهي وزير هن معاهدي جي ڳالهه ڪهڙي حيثيت سان ڪري رهيو آهي؟صحافي فرحان ملڪ سوال اٿاريو ته ڇا نئين سيڙپڪاري بدران امارات هاڻي ڪيش ڊپازٽ مان هڪ ارب ڊالر ڪڍندو ۽ ان کي فوجي گروپ ۾ سيڙپڪاري لاءِ استعمال ڪندو؟ ماهر عابد قيوم سلهري وضاحت ڪندي چيو ته حڪومت يو اي اي کي زبردستي فوجي فائونڊيشن ۾ سيڙپڪاري لاءِ نه چيو سيڙپڪار جتي وڌيڪ فائدو ڏسي، اتي پاڻ سيڙپ ڪري ٿويو اي اي کي مختلف شعبن جا آپشن ڏنا ويا هئا، فوجي فائونڊيشن انهن مان هڪ هئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.