لنڊن(عوامي آواز رپورٽ)برطانوي اخبار دي ٽيليگراف پڻ پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين جي واکاڻ ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته 2025ع ۾ پاڪستان عالمي اسٽرٽيجڪ منظرنامي ۾ ٻيهر پنهنجي مرڪزي حيثيت قائم ڪري ورتي ۽ معتبر عالمي تجزيه نگارن ملڪ کي بين الاقوامي معاملن ۾ هڪ اهم رانديگر قرار ڏنو آهي۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايبي گيٽ حملي جي ملزم جي آمريڪا حوالي ڪرڻ ۽ ان سان لاڳاپيل تيز ترين قدمن، واشنگٽن ۾ پاڪستان تي اعتماد ٻيهر بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔برطانوي تجزيه نگارن لکيو آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي ڪانگريس کي خطاب دوران دهشتگردي خلاف پاڪستان جي عملي تعاون تي خاص طور تي شڪريو ادا ڪيو۔ ان کان سواءِ جون مهيني ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير سان هڪ نجي، آف دي رڪارڊ ملاقات دوران ٽرمپ سندن صلاحيتن ۽ دانائي جي بار بار تعريف ڪئي، ايتري قدر جو غزه ۾ جنگبندي (سيز فائر) جي موقعي تي به ٽرمپ کين پنهنجو پسنديده فيلڊ مارشل قرار ڏنو۔مضمون موجب پاڪستان رڳو بيانن تائين محدود نه رهيو، پر ٺوس قدم کنيا ۽ عملي نتيجا ڏئي ڏيکاريا، جنهن سان آمريڪي عملدارن ۽ ٻين عالمي ڀائيوارن ۾ اعتماد پيدا ٿيو.