اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پي ٽي آءِ امڪاني طور تي هڪ پاسي احتجاج جي تياري ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي ڳالهيون به ڪري رهي آهي. ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي لاهور جي دوري تي هو، امڪان آهي ته هو ڪراچي جو دورو به ڪري. سوال اهو آهي ته کيس ان مان ڇا حاصل ٿيو؟ ڳالهين تي راضپو ٿيڻ کانپوءِ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کي اڳرائي ڪرڻ جو چئي رهيون آهن پر ڏسڻو پوندو ته توڙ ڪٿي نڪري ٿو. انهيءَ حوالي سان خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته وزيراعظم جيڪڏهن ڳالهين جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪا سنجيدگي هوندي ۽ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. جيستائين ادارن جي ڳالهه آهي ته ان سان اسان ڪجهه نٿا چئي سگهون. ملڪ کي سڪيورٽي چئلينجز آهن ۽ اندروني اڀرندڙ مسئلن کي اسان پاڻ حل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته بنيادي ڳالهه ئي چونڊن جي آهي، بحران اتان ئي جنم وٺندا آهن. ملڪ ۾ سڪيورٽي صورتحال کي به اتفاق سان ٺيڪ ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ۾ متبادل قيادت جو انجام اهڙو ئي ٿيندو جيڪو اڳ پي ٽي آءِ جي اندران اٿندڙ ماڻهن سان ٿيو هو. ماضي ۾ به متبادل قيادتن جون ڪوششون ٿيون پر اهي ناڪام ٿيون هيون. ماڻهن جي همدردي عمران خان سان آهي ته اهڙي صورت ۾ ڪو سياسي تجربو ڪامياب نه ٿيندو. سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار منصور علي خان موجب، سهيل آفريدي ٻڌايو آهي ته عليما خان جو پي ٽي آءِ جي سياست سان ڪو واسطو ناهي، پاليسي عمران خان طرفان ايندي آهي. سهيل آفريدي موجب، مزاحمت ٿيندي ته مفاهمت ٿيندي، ڳالهيون ڪندڙ ڌرين ۾ توازن هجڻ گهرجي. خيال رهي ته اهو جملو مريم نواز چيو هو جنهن کي هن ورجايو. سهيل آفريدي کان سوال ڪيا ويا ته پي ٽي آءِ جي قيادت ڇو نظر نٿي اچي جنهن تي هن چيو ته نعيم پنجوٿا ۽ سلمان اڪرم راجا آهن. سهيل افريدي چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ناهي ڪئي. ان تي سهيل آفريدي چيو ته ملاقات جي پلاننگ ٿيڻ گهرجي ها. سهيل آفريدي سان وڌيڪ ماڻهو نه هئا. منصور علي خان چيو ته حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ حلقن سان ڳالهين کانپوءِ ان ڳالهه جو اندازو ٿئي ٿو ته گهڻي ڪوشش عمران خان جي متبادل قيادت جي ڳولا جي ٿي رهي آهي. پي ٽي آءِ کي ان جون واڳون ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ شرط ڏنا وڃن. جيڪو رويو پنجاب حڪومت طرفان سهيل آفريدي سان رکيو ويو اهو خير سگالي طور نٿو ڏسڻ ۾ اچي. جهڙي نموني رستا روڪ ٿي، ان مان ظاهر ٿيو ته پنجاب حڪومت کين سولو دڳ نٿي ڏيڻ چاهي. 8 فيبروري جي چونڊن تي ڳالهيون نه ڪرڻ وارو شرط اهڙي ڳالهه آهي جنهن تي پي ٽي آءِ جو زور آهي. ڳالهيون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي حڪومت چئي ڇڏيو ته هن تي ڳالهه نه ٿيندي، باقي عمران خان جي آزادي جو سوال آهي ته حڪومت ان تي اڳ ئي سخت آهي، کيس ڇو آزاد ڪندي؟ بنيادي طور تي فواد چوڌري ۽ ٻيا جيڪي ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ان ذريعي ڪا قيادت آڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.