نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پالتو ڪتو بيمار ٿيڻ سبب ٻن ڀيڻن آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو لکنئو جي علائقي ڊوڊا کيرا جلال پور ۾ پيش آيو، جتي ٻن ڀيڻن 26 ورهين جي راڌا سنگهه ۽ 22 ورهين جي جيا سنگهه هڪ پتو پالتو هو.
پوليس موجب کين اسپتال مان ڄاڻ ملي ته ٻنهي ڀيڻن مبينا طور فنائل پي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي جاچ شروع ڪئي وئي ۽ گهر وارن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته جاچ دوران خبر پئي ته ٻنهي ڀيڻن تازو هڪ ڪتو پاليو هو ۽ ٻئي ان سان ڏاڍو پيار ڪنديون هيون، اهي ڪتي جي سار سنڀال به ڪنديون هيون.
گهر ڀاتين وڌيڪ ٻڌايو ته ٻئي ذهني دٻاءَ جو شڪار هيون، هڪ کي ٽي بي سبب ڊپريشن ٿيو ۽ ٻي ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا هئي.
گهر ڀاتين موجب ڪتو هڪ مهيني کان بيمار هو، جنهن سبب ٻنهي جو ڊپريشن وڌي ويو ۽ انهن انتهائي قدم کڻي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
You might also like