لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت سان جيڪو به ٿيندو اهو برابري جي سطح تي ٿيندو، هينڊ شيڪ نٿا ڪرڻ چاهيو ته اسان کي به شوق ناهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته ڀارتي انڊر 19 ٽيم جي رويي تي آءِ سي سي سان ڳالهائينداسين، ان معاملي تي آءِ سي سي کي لکي رهيا آهيون.
هن چيو ته پي ايس ايل لاءِ وسيم اڪرم کي برانڊ ايمبيسڊر مقرر ڪيو آهي، ملتان سلطانز کي هن سال پي سي بي پاڻ آپريٽ ڪندو، پي ايس ايل کانپوءِ ملتان سلطانز جي نيلامي ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل جي ٻن نين ٽيمن لاءِ 10 پارٽين ڪواليفاءِ ڪيو آهي، بڊنگ 8 جنوري تي اسلام آباد ۾ ٿيندي.
ڀارت سان سڀ ڪجهه برابري جي سطح تي ٿيندو، هٿ نٿا ملائڻ چاهيو ته اسان کي به شوق ناهي: محسن نقوي
You might also like