اچڪزئي خاندان انگريزن جي راج خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي آهي ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به جمهوريت جي بحالي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ قومن جي حقن لاءِ جيلن جون سختيون سڌيون آهن۔ ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن بلوچستان جي پختون علائقي کي صوبي جو درجو ڏيڻ جو مسئلو اڀريو ته عبدالصمد اچڪزئي خان نيشنل عوامي پارٽي کان ڌار ٿي ويا هئا۔ 1973ع ۾ بم ڌماڪي ۾ عبدالصمد اچڪزئي شهيد ٿي ويا ته پوءِ انهن جا پٽ محمد خان اچڪزئي پختون ملي عوامي پارٽي جي قيادت سنڀالي۔ جڏهن افغانستان ۾ ڪامريڊ نورمحمد ترڪئي جي قيادت ۾ انقلاب آيو ته محمود اچڪزئي هن عوامي انقلاب جي پوري حمايت ڪئي، جنهن جي ڪري کين وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي۔
محمود خان اچڪزئي اَسي واري ڏهاڪي ۾ ايم آر ڊي جي آئيني جدوجهد ۾ حصو ورتو۔ کين ڊگهي عرصي تائين لڪل زندگي گذارڻي پئي۔ نوَي واري ڏهاڪي کان وٺي محمود اچڪزئي ۽ حاصل بزنجو ميان نواز شريف جي مسلم ليگ (ن) جي حمايت ڪندا رهيا، جنهن سبب سندن پارٽي کي گهڻو دٻاءُ برداشت ڪرڻو پيو۔ جڏهن نواز شريف ٻيهر وزيراعظم بڻيا ته محمود اچڪزئي ۽ حاصل بزنجو جنرل ضياءَ جي دور ۾ ٿيل آئيني ترميمن کي ختم ڪرائڻ لاءِ مهم هلائي ۽ بي نظير ڀٽو سان ڳالهين لاءِ لنڊن به ويا۔
جيئن ته سندن ڪوششن جو فوري نتيجو نه نڪتو پر پوءِ نواز شريف ۽ بي نظير ڀٽو جي وچ ۾ اٺين ترميم جي شق 58 ٽو بي ختم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو ۽ صدر جو اسيمبليون ٽوڙڻ وارو اختيار ختم ٿي ويو۔ جڏهن پرويز مشرف نواز شريف جي حڪومت کي برطرف ڪيو ته محمود اچڪزئي ۽ حاصل بزنجو ان جي مخالفت ڪئي۔ 2008ع ۾ جڏهن سڀ پارٽيون پرويز مشرف جي مواخذِي تي راضي ٿيون ته نواز شريف نئين صدر لاءِ عبدالحئي بلوچ ۽ محمود اچڪزئي جا نالا ڏنا۔ پاناما ڪيس ۾ به محمود اچڪزئي نواز شريف جي نااهلي کي قبول نه ڪيو هو۔
2013ع ۾ جڏهن نواز شريف ٻيهر وزيراعظم بڻيو ته محمود اچڪزئي جو ڀاءُ بلوچستان جو گورنر بڻيو۔ هڪ وقت اهڙو به هو جو عمران خان پنهنجي تقريرن ۾ ميان ڀائرن سان گڏ محمود اچڪزئي جو به مذاق اڏائيندو هو، پر 2023ع جي چونڊن ۾ سياسي اتحاد بدلجي ويا ۽ محمود اچڪزئي مسلم ليگ (ن) کان پري ٿي ويو۔ جيتوڻيڪ هو قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو، پر وزيراعظم شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ ڏيڻ ۾ شامل نه ٿيو۔
تحريڪ انصاف کيس صدارتي چونڊ ۾ آصف زرداري جي مقابلي ۾ صدارتي اميدوار نامزد ڪيو۔ قومي اسيمبلي ۾ هن چونڊن جي شفافيت بابت سخت خطاب ڪيو۔ جڏهن اپوزيشن ليڊر عمر ايوب کي سزا ٿي ۽ اليڪشن ڪميشن کيس نااهل قرار ڏنو ته تحريڪ انصاف ۽ ٻين جماعتن محمود اچڪزئي کي قائد حزب اختلاف نامزد ڪيو، پر اڃا تائين قومي اسيمبلي اسپيڪر نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو آهي۔ ان ئي دوران تحريڪ انصاف جي قيادت کي 9 مئي وارن ڪيسن ۾ ڏهه ڏهه سال قيد ٿيو، جنهن کانپوءِ تحريڪ تحفظ آئينِ پاڪستان جو فورم جوڙيو ويو ۽ محمود اچڪزئي کي ان جو سربراهه بڻايو ويو۔تازو ٿيل گول ميز ڪانفرنس ۾ محمود اچڪزئي چيو ته ملڪ جي سياسي بحران جي حل لاءِ نواز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ ويهي ڳالهه ٻولهه ڪن۔ هن چيو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ سڀ هڪ ٻئي کي معاف ڪري اڳتي وڌن۔ هن واضح ڪيو ته هو جهموري ڊائيلاگ لاءِ تيار آهن ۽ جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي باني سان ملاقات جي اجازت ملي ته فوري ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي۔ اچڪزئي جي اها تجويز جمهوريت جي استحڪام لاءِ آهي۔
جيتوڻيڪ 2024ع جي چونڊن کان پوءِ حڪومتون ٺهي ويون آهن، وفاق ۾ وزيراعظم ۽ ڪابينا ڪم ڪري رهي آهي، ٻن صوبن ۾ پيپلزپارٽي، هڪ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ هڪ ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم آهي، پر ان باوجود امن امان، معيشت ۽ عالمي منظرنامي لحاظ کان حالتون بهتر نظر نٿيون اچن۔
آمريڪا تازو ئي قومي سلامتي پاليسي جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چين سان لاڳاپن جو ذڪر ته آهي پر پاڪستان ۽ افغانستان جو واضح ذڪر ناهي، جنهن مان ظاهر آهي ته آمريڪا جي ترجيح هاڻي اهي ملڪ ناهن۔ افواهه آهن ته جيڪڏهن پاڪستان غزه لاءِ آمريڪي شرطن موجب فوج نه موڪلي ته رشتا وڌيڪ ٿڌا ٿي سگهن ٿا۔ ان سان گڏ آمريڪا ويزا پاليسي به سخت ڪري ڇڏي آهي۔ افغانستان سان ويڙهاڪن جي حملي کانپوءِ تورخم بارڊر بند آهي، جنهن سبب واپار متاثر ٿيو آهي ۽ پاڪستاني واپاري اربين رپين جو نقصان ڀوڳي رهيا آهن۔
بلوچستان ۾ به صورتحال خراب آهي، روڊ رستا بند، قانون جي عملداري ڪمزور، پنجاب ۽ سنڌ ۾ به ڏوهاري سرگرميون وڌي ويون آهن۔ بي روزگاري وڌي 7 سيڪڙو کان مٿي ٿي وئي آهي، في ڪَس آمدني گهٽجي وئي آهي۔ 90 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي معيشت بنگلاديش ۽ هندستان کان اڳتي هئي، پر هاڻي پوئتي رهي وئي آهي۔ صنعتون بحران جو شڪار آهن، بجلي ۽ گيس جي کوٽ، چين جي سامان سان مقابلو نه ٿيڻ سبب برآمدات نه وڌي سگهيون آهن۔ انهن حالتن ۾ سياسي بحران جو حل ضروري آهي۔ محمود اچڪزئي جي ڳالهه درست آهي ته سڀ ڌريون ماضي وساري نئون آغاز ڪن۔ نواز شريف ۽ فضل الرحمان کي سندس تجويز تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي۔ وزيراعظم شهباز شريف جو رويو مثبت آهي، جيستائين تحريڪ انصاف ڳالهين بابت تذبذب ۾ آهي، پر جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وڃي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي سگهي ٿو۔