حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ ڳالهيون ڇا درست رخ ۾ ٿينديون

شاھجھان خاصخيلي

پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال جي تصوير ڪا چڱي نظر نٿي اچي ڇاڪاڻ ته هتي هر پارلياماني سياسي ڌر هر ڀيري طاقتور ڌرين المعروف اسٽيبلشمينٽ جي چانئٺ چمڻ ۽ انهن جي ٽيڪ کانسواءِ فقط عوامي طاقت يعني ووٽ ذريعي اقتدار ۾ اچڻ تي يقين نٿيون رکن، پ پ ۽ نواز ليگ جهڙيون وقت جون وڏيون سياسي تنظيمون به پنهنجين غلط پاليسين سبب هن وقت عوام ۾ پنهنجي اڳوڻي مقبوليت وڃائي چڪيون آهن انهيءَ جو ادراڪ خود انهن تنظيمن جي وڏڙن کي پڻ ٿي چڪو آهي ته هاڻ اهي عوامي طاقت جي ذريعي اقتدار جي ايوانن تائين پهچڻ جي صلاحيت وڃائي چڪيون آهن تنهنڪري هاڻ انهن وٽ پهريون ۽ آخري رستو فقط اسٽيبلشمينٽ جو در ئي بچيو آهي جتان اهي  ڪجهه عرصي تائين ته اقتدار تي قابض رهي سگهن ٿا پر انهن جو گهڻو عرصو انهيءَ پوزيشن تي رهڻ ممڪن ناهي۔

حڪومت طرفان پي ٽي آئي وارن کي اهيو پڻ آسرو مليو آهي ته سياسي معاملن سميت آئيني دائرن ۾ سياسي قيدين ۽ ٻين قومي سطح جي معاملن تي به غور ڳالههيون ٿي سگهن ٿيون، مطلب سسٽم پي ٽي آئي جي موجوده سرگرمين کان تنگ ٿي انهن کي مشروط ڇيٽِي ڏيڻ لاءِ سوچي رهي آهي پر باقي نظام جي حوالي سان سمورن سوالن ۽ مطالبن کي سائيڊ لائين ڪيو ويندو، پي ٽي آئي به اهڙي فيصلا سازي ۽ ڪا وڏي منظم عوامي تحريڪ هلائڻ جي پوزيشن ۾ ناهي اهڙي صورتحال ۾ ڏسجي ته پي ٽي آئي مڪمل طور بند گلي ۾ ڦاسي چڪي آهي جتان نڪرڻ لاءِ انهن وٽ ڪمپرومائز کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي رهيو، ان صورتحال ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان اتحاد طرفان پڻ حڪومتي مشروط ڳالهين واري آڇ تي مثبت جواب ڏيندي ڳالههين لاءِ هاڪاري موقف سامهون آيو آهي،  ڪجهه سياست جي ڄاڻو ماهرن جو چوڻ آهي ته هاڻي ٻئي ڌريون سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي راضي آهن، ياد رهي ته عمران خان محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس کي ڳالههين جو اختيار ڏئي چڪو آهي۔

هاڻ هتي اهم ڳالهه هي آهي ته حڪومت طرفان مشروط ڳالهين جو جيڪو شرط سامهون آيو آهي ته 8 فيبروري وارين چونڊن بابت ڪنهن به سوال تي ڳالهيون نه ٿينديون، پي ٽي آئي جو مک نقطعو اهيو به رهيو آهي ته 2024 واري اليڪشن تي ڪميشن ٺاهي وڃي وغيره وغيره، ڏسجي ته جهڙي ريت پي ٽي آئي 2024ع جي اليڪشن کي فراڊ قرار ڏيندي جانچ جو مطالبو ڪري ٿي اهڙي ريت حڪومت طرفان وري انهن کي 2018ع جي اليڪشن جي جانچ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي، جنهن کي پاڻ هڪ قسم جي ڌمڪي پڻ چئي سگهون ٿا، ڇو جو اها ڳالهه پڻ ڪنهن کان ڳجهي ناهي رهي ته 2018ع وارين چونڊن ۾ به وڏي پئماني تي ڌانڌلي ٿي ۽ عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ان وقت جي فوجي قيادت اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جنرل فيض حميد جو ڪردار اڄڪلهھ بحث هيٺ آهي اهو پڻ ثابت ٿي چڪو آهي ته ان وقت عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ ڊگهي عرصي تائين اقتدار تي قبضي جي حڪمت عمليون ٺاهڻ ۾ پڻ جنرل فيض حميد اينڊ ڪمپني ملوث هئي پر سندن اها پلاننگ گهڻي ڀاڱي ناڪام ٿي وئي ۽ هن وقت اهو همراھ مڪمل طور ڏچي ۾ ڦاسي چڪو آهي۔

چوڻ جو مقصد ته 2018ع ۾ عمران خان به ڪو نج عوامي طاقت سان يا شفاف چونڊن ذريعي اقتدار ۾ نه آيو هو اهو به اهڙي ئي طريقي آيو هو جهڙي طريقي موجوده سيٽ اپ هلي پيو، خان صاحب کي به ايئن ئي اسٽيبلشمينٽ جي شفقت حاصل هئي جيئن شهباز شريف اينڊ ڪمپني کي حاصل آهي، خان صاحب جي هاڻوڪي نيريٽو تي به ڳالههائي سگهجي ٿو، ظاهري طور ماضي ۾ اهيو ساڳيو بيانيو نواز شريف سميت مختلف ڌرين جو رهيو آهي جيڪو اڄ پي ٽي آئي رکي پئي، پر بدقسمتي جي ڳالهه اهيا آهي ته اهي سڀ سياسي ڌريون جيڪي اقتدار جي پچ کان ٻاهر اچڻ کانپوءِ سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ختم ڪرڻ، نظام جي تبديلي ۽ انقلاب جون ڳالههيون ۽ بيانيو ٺاهين ٿيون اهي سڀئي ڌريون وري سياست به اسٽيبلشمينٽ جي ڇٽي هيٺ ئي ڪن ٿيون، نواز شريف هجي يا عمران خان سڀئي اسٽيبلشمينٽ جا فڪس مُهُرا آهن، انهن جو ويجهو ماضي ۽ بيڪ گرائونڊ ڏسڻ بنا انهن کي فقط وقتي نيريٽو جي بنياد تي انقلابي ليڊر طور پيش ڪرڻ به اچرج جوڳي ڳالهه آھي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.