نيو يارڪ (شهباز گل) محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي 18 سال ٿي ويا. 27 ڊسمبر 2007ع تي ٿيل هن واقعي کي 18 سال گذري وڃڻ باوجود انصاف اڄ تائين نه مليو. واقعي کان پوءِ ثبوت ڌوئي ختم ڪيا ويا، پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ ڏنو ويو، گڏيل قومن ۽ اسڪاٽلينڊ يارڊ به سوال اٿاريا. شاهدن کي هڪ هڪ ڪري ختم ڪيو ويو. خالد شهنشاهه قتل ٿيو، ٻيا مددگار به مارجي ويا. بينظير ڀٽو جي سيڪيورٽي، بيڪ اپ گاڏي ۽ ذميوارن جي ڪردار تي به سوال اٿيا، پر ڪنهن کي به سزا نه ملي. حڪومتون بدلجنديون رهيون، پر انصاف نه مليو. اڄ به انهن جي نالي تي ووٽ ورتا وڃن ٿا، پر انصاف ڏيڻ لاءِ ڪو تيار ناهي.