وڏي وزير طرفان لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن واري اسپتال جي منظوري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن تي مشتمل اسپتال منصوبي جي اڳڀرائي، ڊزائين، دائري ڪار ۽ مالي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن منصوبي کي اپر سنڌ لاءِ صحت جي شعبي جو هڪ وڏو ۽ اهم منصوبو قرار ڏنو، اسپتال ٻن سالن اندر مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي جي بنياد وجهڻ جي تقريب مارچ 2026 ۾ رٿيل آهي جڏهن ته پهريون ٽاور هڪ سال اندر ۽ ٻيو ٽاور ان کان پوءِ ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو، وڏي وزير پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ (پي اينڊ ڊي) ۽ صحت کاتن کي ان حوالي سان هدايتون  جاري ڪيون. اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، ڊاڪٽر سعيد قريشي ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اسپتال ڪاشف کوکراڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪمشنر لاڙڪاڻو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيو. وڏي وزير چيو ته هي اسپتال منصوبو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي شروع ڪيو ويو آهي ۽ چيئرمين جي ويزن موجب هي سهولت اپر سنڌ جي ماڻهن کي معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪندي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي عملدارن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جو اسپتال ڇهن ماڙن تي مشتمل هوندو جنهن ۾ هڪ بيسمينٽ پڻ شامل هوندي ۽ ان کي ٻن مرحلن ۾ تعمير ڪيو ويندو. اسپتال جي مجموعي گنجائش 596 بسترا هوندي ۽ عملي طور اهو 600 بسترن تي مشتمل هڪ ٽرشري ڪيئر اسپتال هوندو. وڏي وزير پاران منظور ڪيل منصوبي موجب اسپتال ٻن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو. پهريون مرحلو بيسمينٽ سميت ڇهن ماڙن تي مشتمل هڪ ٽاور هوندو جنهن ۾ 288 نرسنگ ڪيئر بسترا، 92 ايمرجنسي بسترا ۽ 48 آءِ سي يو بسترا شامل هوندا. ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 144 نرسنگ ڪيئر بسترا ۽ 24 آءِ سي يو بسترا شامل ڪيا ويندا جنهن کان پوءِ مجموعي گنجائش 432 نرسنگ ڪيئر بسترا، 92 ايمرجنسي (اي آر) بسترا ۽ 72 آءِ سي يو بسترا ٿي ويندي. وڏي وزير چيو ته اسپتال ۾ جديد ايمرجنسي سهولتون، او پي ڊي، ريڊيالا جي، ڊائلاسس، ليبارٽريون، بلڊ بينڪ، اينڊوسڪوپي، ڊي سرجري يونٽ، اٺ آپريشن ٿيئٽر، پري ۽ پوسٽ آپريٽو وارڊ، رِڪوري ايريا ۽ خاص ميڊيڪل ۽ سرجري آءِ سي يو شامل هوندا. ان کان علاوه بحالي (ريهبليٽيشن) جون سهولتون، انتظامي آفيسون ۽ مريضن جي ساٿين لاءِ انتظارگاهون به منصوبي جو حصو هونديون. بيسمينٽ ۾ اهم معاون سهولتون قائم ڪيون وينديون، جن ۾ ڪچن ۽ اسٽاف ڊائننگ ايريا، سي ايس ايس ڊي، لانڊري، مرده خانو، ميڊيڪل گيس پلانٽ، ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم، اسٽوريج ايريا ۽ لوڊنگ ۽ ان لوڊنگ ڊاڪس شامل هوندا. فلور وار منصوبا بندي: گرائونڊ فلور تي ايمرجنسي ٽرائياج، ريڊيالا جي، ميڊيڪل ۽ سرجري او پي ڊي، فارمييسي، ڊائلاسس يونٽ، مرد ۽ عورتن لاءِ اي آر آبزرويشن وارڊ، ريهبليٽيشن ۽ انتظامي آفيسون قائم ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.