محمود اچڪزئي کي پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ٽيم تي خدشا

اسلام آباد(بيورو)اپوزيشن اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم تي سخت تنقيد ڪندي کين ٻين جي مائرن ۽ ڀينرن جي عزت تي گند اڇلائڻ کان پري رهڻ جي تلقين  ڪئي آهي۔هڪ ٽي وي چينل موجب، پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم جي حرڪتن تي افسوس جو اظهار ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته انهن ماڻهن کي سوچڻ گهرجي ته اسان جون به مائرون ۽ ڀينرون آهن، تنهن ڪري اسان کي ٻين جي مائرن ۽ ڀينرن جي عزت ڪرڻ گهرجي۔هن چيو ته اهو ممڪن ناهي ته اوهين پنهنجي مائرن ۽ ڀينرن جي عزت ڪريو، پر ٻين جي مائرن ۽ ڀينرن جي عزت سوشل ميڊيا تي خراب ڪريو۔محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته مان سوشل ميڊيا تي سرگرم پي ٽي آءِ جي سڀني ڪارڪنن کان، ڀلي هو انگلينڊ مان هلائي رهيا هجن يا دنيا جي ڪنهن به حصي مان، اپيل ڪريان ٿو ته عورتن جي عزت ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.