حڪومت پي آءِ اي کي سستي اگهه تي وڪرو ڪيو؟

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پاڪستان جي حڪومت ڪيترن ئي سالن جي ڪوششن کان پوءِ تازو پي آءِ اي جا اڪثريتي شيئر وڪرو ڪري ڇڏيا آهن،پر سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت پي آءِ اي کي تمام سستي قيمت تي وڪرو ڪري ڇڏيو؟ ۽ ڇا واقعي قومي خزاني کي ان مان صرف ڏهه ارب رپيا ئي ملندا؟پي آءِ اي جي وڪرو بابت اهڙي نوعيت جا ڪيترائي سوال پاڪستان جي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن۔انهن سوالن مان بنيادي سوال اهو آهي ته هن نجڪاري مان قومي خزاني کي اصل ۾ ڪيترو پئسو ملندو؟ڪجهه  حلقا اهو به سوال اٿاري رهيا آهن ته جيتري رقم ۾ حڪومت قومي ايئر لائن وڪڻي آهي، ان کان وڌيڪ ماليت جا ته جهاز پاڻ پي آءِ اي وٽ موجود هئا۔انهن خدشن جو هڪ وڏو سبب اهوبه آهي ته نجڪاري جي طريقيڪار ۾ حڪومت اها شرط شامل ڪئي آهي ته وڪري مان ملندڙ رقم جو صرف 7.5 سيڪڙو نقد صورت ۾ حڪومت وٺندي، جڏهن ته باقي سڄي رقم پي آءِ اي ۾ ٻيهر سيڙپ (انويسٽ) ڪئي ويندي۔هتي اهو سوال به اڀري ٿو ته حڪومت ڪيئن يقيني بڻائيندي ته اها سڄي رقم واقعي قومي ايئر لائن ۾ ٻيهر لڳائي ويندي؟۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته قومي خزاني کي ڪيترو نقصان پهچي سگهي ٿو؟پاڪستان جي نجڪاري ڪميشن موجب قومي خزاني کي ڏهه ارب نه پر 55 ارب رپيا ملندا۔ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڊيل ۾ اهڙيون ضمانتون (گارنٽيون) شامل ڪيون ويون آهن، جن تحت اها رقم جيڪا حڪومت سڌي طرح نٿي وٺي، اها لازمي طور ڪمپني ۾ ٻيهر سيڙپ ڪئي ويندي وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي بي بي سي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته:بنيادي طور پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪيا ويا آهن، جن جي عيوض ملندڙ 135 ارب رپين مان 7.5 سيڪڙو، يعني تقريباً ڏهه ارب رپيا، سڌو حڪومت کي ملندا۔هن ٻڌايو ته نجڪاري کان پوءِ پي آءِ اي جا باقي 25 سيڪڙو شيئر 45 ارب رپين جا مقرر ٿيا آهن، جنهن سان قومي ايئر لائن جي ڪل ماليت 180 ارب رپيا بڻجي ٿي۔حڪومت کي پهرين مرحلي ۾ ڏهه ارب رپيا نقد ملندا۔جيڪڏهن بعد ۾ عارف حبيب ڪنسورشيم باقي 25 سيڪڙو شيئر به خريد ڪري وٺي ٿو ته حڪومت کي وڌيڪ 45 ارب رپيا ملندا،ناڻي واري صلاحڪار خرم شهزاد هڪ سوال جي وضاحت ڪندي چيو ته پي آءِ اي کي نجي سيڙپڪارن لاءِ قابلِ خريد بڻائڻ لاءِ حڪومت کي 600 ارب رپين جو قرض الڳ هولڊنگ ڪمپني ۾ منتقل ڪرڻو پيو۔هن چيو ته پي آءِ اي جا پرڏيهه وارا اثاثا، جهڙوڪ آمريڪا ۾ روزويلٽ هوٽل پيرس ۾ اسڪرائب هوٽل اهي هن نجڪاري ڊيل جو حصو ناهن۔ انهن کي الڳ نجڪاري ذريعي وڪرو ڪري قرض لاهڻ جو منصوبو آهي۔خرم شهزاد ٻڌايو ته نجڪاري ۾ شامل اثاثن جي ڪل ماليت 190 ارب رپيا آهي،جن ۾ 33 جهاز شامل آهن،جن مان 18 جهاز 30 منزلن تائين آپريشنل آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.