ملڪ کي قائداعظم جي اصولن موجب هلائڻو پوندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي زندگي عوامي خدمت،  انصاف، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جا سنهري اصول سيکاري ٿي. هو قائداعظم محمد علي جناح  جي 149هين سالگرهه جي موقعي تي مزارِ قائد تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو جتي هن بانيءِ پاڪستان کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. آمد تي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس ۽ ٻين معزز شخصيتن وڏي وزير جو استقبال ڪيو. وڏي وزير مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا. سيد مراد علي شاهه چيو ته قائداعظم جا فڪر ۽ اصول اڄ به قوم جي رهنمائي ڪري رهيا آهن هن چيو ته قائداعظم جا اصول آئين پسندي، قانون جي حڪمراني، سماجي خدمت ۽ مساوات تي ٻڌل آهن ۽ اهي حڪمراني لاءِ بهترين رهنما اصول مهيا ڪن ٿا. هن زور ڏنو ته ملڪ کي قائداعظم جي اصولن موجب هلائڻو پوندو. مراد علي شاهه صدرِ پاڪستان، وزيراعظم ۽ چيف آف ڊفينس فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي مستقبل جو ضامن آهي. هن چيو ته بجلي گهرن کي پاڻي جي فراهمي لاءِ نبيسر کان ٿر ڪوئلي فيلڊ تائين پاڻي پهچائڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ هڪ ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.