ايران جو جنگ متاثر جوهري اثاثن جي معائني جي مطالبي تي ٺُپ جواب

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا جي حملن سان متاثر ٿيندڙ پنهنجي جوهري اثاثن جي معائني جي اجازت ڏيڻ جي مطالبن کي رد ڪندي چيو آهي ته اڳ ۾ گڏيل قومن جي جوهري نگران اداري کي جنگ کانپوءِ جي صورتحال ۾ فوجي حملن سان متاثر هنڌن تائين پهچ بابت اصول جي وضاحت ڪرڻ گهرجي.
تهران ۾ ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ايران جي جوهري توانائي جي اداري جي سربراهه محمد اسلامي چيو ته جيستائين عالمي جوهري توانائي ايجنسي اهڙن دورن لاءِ ڪو واضح فريم ورڪ تيار نٿي ڪري تيستائين تهران انهن اثاثن جي معائني جي اجازت نه ڏيندو، جن کي آمريڪا نشانو بڻايو هو.
اسلامي چيو ته جيڪڏهن جنگ کانپوءِ جي صورتحال لاءِ ڪو طئي ٿيل طريقي ڪار موجود آهي ته ايجنسي ان جو اعلان ڪري ته جيئن اسان ان موجب عمل ڪري سگهون.
هن چيو ته تهران ايجنسي کي پنهنجي موقف کان باضابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته تهران تي اولهه طاقتن جو دٻاءُ آهي ته هو گڏيل قومن جي جوهري نگران اداري کي متاثر هنڌن تي وڃڻ جي اجازت ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.