حملن جي رٿابندي جو شڪ، ترڪيه ۾ داعش جا 115 مبينا دهشتگرد گرفتار

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي اختيارين سال جي پڄاڻي جي موڪلن دوران دهشتگرد حملن جي رٿابندي جي شڪ ۾ داعش جي 115 مبينا ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب استنبول جي پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته اها ڪارروائي انٽيليجنس اطلاعن کانپوءِ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته داعش ڪرسمس ۽ نئين سال جي تقريبن دوران حملن جو ارادو رکي ٿي.
پراسيڪيوٽر آفيس هڪ بيان ۾ چيو ته مجموعي طور تي 137 ڄڻن کي حراست ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، جن مان 115 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آحي.
ترڪيه جي شام سان تقريبن 900 ڪلو ميٽر ڊگهي سرحد آهي، جتان شدت پسند گروهه اڃا به سرگرم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.