خڪيچ (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ ٻن عورتن سوڌو هڪ ئي ڪٽنب جي چئن ڀاتين جي مبينا جبري گمشدگي خلاف ڌرڻي سبب گوادر ۽ ڪوئيٽا کي ملائيندڙ سي پيڪ روڊ ٽئين ڏينهن به بند رهيو.
هڪ ئي ڪٽنب سان واسطو رکندڙ لاپتا ماڻهن جي بازيابي بحالي لاءِ عورتن ۽ ٻارن جو ڪرڪي تجابان واري علائقي ۾ ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن.
تربت سان تعلق رکندڙ وڪيل مجيد شاهه ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته بلوچستان جي ٻن علائقن حب ۽ تربت مان ٻن عورتن سوڌو چئن ڄڻن کي ”لاپتا“ ڪيو ويو آهي، گم ٿيلن ۾ هاني دلوش، خير النساءَ، مجاهد علي ۽ فريد اعجاز شامل آهن.
مقامي پوليس موجب، ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي.
ٻئي پاسي وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي چيئرمين نصرالله بلوچ به گم ٿيلن جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو آهي.
بلوچستان مان هڪ ئي ڪٽنب جا چار ڀاتي کنڀي گم، وارثن جو ڌرڻو، سي پيڪ روڊ ٽن ڏينهن کان بند
You might also like