نيٽ فلڪس ۽ ” ڪپل شرما شو “ قانوني مسئلن ۾ ڦاسي پيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي ڪاميڊي شو ”دي گريٽ انڊين ڪپل شرما شو“ قانوني مسئلن ۾ ڦاسي پيو آهي.
ڀارت جي موسيقي جي حقن جي اهم تنظيم فونوگرافڪ پرفارمنس لميٽڊ (پي پي ايل) شو جي پروڊيوسرز خلاف ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪاپي رائيٽ جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو آهي.
پي پي ايل موجب، نيٽ فلڪس تي نشر ٿيندڙ شو جي ٽئين سيزن ۾ ٽي مشهور بالي ووڊ گيت بنا لائسنس جي استعمال ڪيا ويا.
پي پي ايل جو چوڻ آهي ته جون کان سيپٽمبر تائين نشر ٿيندڙ قسطن ۾ ”ايم بولي تو (منا ڀائي ايم بي بي ايس)“، ”راما ري“ (ڪانٽي) ۽ ”صبح هوني نه دي (ديسي بوائز)“ جا گانا استعمال ڪيا ويا.
تنظيم موجب، ڄاڻايل گيت عوامي نمائش جي زمري ۾ اچن ٿا، ڇو ته شو لائيو ناظرين جي آڏو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ پوءِ آن لائن لکين ماڻهن لاءِ نشر ڪيو ويو.
پي پي ايل چيو آهي ته نومبر جي شروعات ۾ پروڊيوسرز کي قانوني نوٽيس موڪليو ويو، پر تسلي بخش جواب ناهي مليو.
پي پي ايل عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته وڌيڪ گيتن جي استعمال تي پابندي لڳائي وڃي، ڀڃڪڙي سبب حاصل ٿيندڙ آمدني جا تفصيل طلب ڪيا وڃن ۽ ڀڃڪڙي ۾ شامل مواد ضبط ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.