ڪراچي ۾ ڪال سينٽر ڏوهن جو ڳڙهه بڻجي ويا، انويسٽمينٽ جو ڏٽو ڏئي شهرين کي لُٽيندڙ منظم گروهه وائکو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي آن لائن انويسٽمينٽ جو ڏٽو ڏئي شهرين کي لُٽيندڙ منظم گروهه خلاف ڪارروائي ڪندي 15 پرڏيهي ۽ 19 پاڪستاني شهري گرفتار ڪري ورتا.
صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي جي وڏي ڪارروائي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته عالمي سطح تي منظم آن لائن گروهه خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
پريس ڪانفرنس ۾ اين سي سي آءِ اي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر طارق نواز به گهرو وزير سان گڏ هو.
گهرو وزير چيو ته جوابدار شهرين کي وڏي منافعي جي لالچ ڏيندا هئا، جعلي لاگ اِن ڏيکاري کيس اصل انويسٽمينٽ پورٽل جي خاطري ڪرائيندا هئا، جڏهن ته جعلي اڪائونٽن ذريعي نفعو ظاهر ڪيو ويندو هو.
هن ٻڌايو ته ڪارروائي دوران جوابدارن جي قبضي مان غير قانوني گيٽ وي ايڪسچينج، 6 غير قانوني گيٽ ويز، 10 هزار کان وڌيڪ موبائل سمون، هزارين انٽرنيشل سمون، 37 ڪمپيوٽر، ۽ 40 موبائل فونز برآمد ڪيون ويون.
طارق نواز چيو ته گرفتياريون ڊي ايڇ اي فيز ون ۽ فيز سڪس مان عمل ۾ آيون، جڏهن ته جاچ ٽيم ٽيڪنيڪي بنيادن تي وڌيڪ شاهديون گڏ ڪري رهي آهي.
ضياءُ الحسن لنجار انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾ ڪال سينٽر ڏوهن جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن ۽ انهن ذريعي عالمي سطح تي وڏي پيماني تي فراڊ ڪيو پيو وڃي، عوام کي آن لائن فراڊ کان محفوظ بڻائڻ لاءِ اهڙا قدم جاري رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.