لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار شهزاد اڪبر تي برطانيا ۾ حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو آهي.
شهزاد اڪبر اپريل 2022 کان پاڻمرادو جلاوطني طور لنڊن ۾ رهيل آهي، اطلاعن موجب گهر تي ڪيل حملي ۾ هو زخمي ٿي پيو.
تحريڪ انصاف جي ايڪس اڪائونٽ تي ڪيل پوسٽ موجب شهزاد اڪبر تي صبح جو ڪيمبرج ۾ سندس گهر تي حملو ڪيو ويو، حملي آور کيس منهن ۾ مُڪون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ سندس نڪ ۽ ڄاڙي ڀڄي پئي، مقامي پوليس سمورا تفصيل گڏ ڪري ورتا آهن ۽ جاچ جاري آهي.
You might also like