قائدِ اعظم جي ڌيءَ جو پيءُ سان ڪهڙي ڳالهه تي اختلاف هو؟

هيءَ 15 نومبر 1938ع جي ڳالهه آهي جڏهن قائدِ اعظم محمد علي جناح جي نياڻي دينا جناح نيول واڊيا نالي هڪ پارسي نسل جي عيسائي نوجوان سان شادي ڪئي هئي.
اهو سچ آهي ته جناح ان شادي مان خوش نه هو، هن پنهنجي طرفان دينا کي شادي کان گهڻو روڪيو، پر اها پڻ حقيقت آهي ته شادي ۾ شرڪت نه ڪرڻ باوجود هن پنهنجي ڌيءَ جي زندگيءَ جي اهم ڏينهن تي گلدستو موڪلڻ نه وساريو، اِهو گلدستو هن پنهنجي ڊرائيور عبدالحي ذريعي موڪليو هو.
دينا واڊيا محمد علي جناح جي اڪيلي نياڻي هئي، هوءَ 1929ع ۾ رڳو ڏهن ورهين جي هئي جڏهن سندس ماءُ رتي ٻائي لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن کان پوءِ جناح فيصلو ڪيو ته هو هندستان بدران انگلينڊ ۾ رهندو ۽ هو پنهنجي ڀيڻ فاطمه جناح ۽ دينا سان گڏ لنڊن منتقل ٿي ويو.
محمد علي جناح دينا کي ڪانونٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، پر 1934ع ۾ کيس هندستان واپس موٽڻو پيو، سندس واپسي کان اڳ ئي بمبئي جي مسلمانن کيس پنهنجي زندگي لاءِ مجلس قانون ساز اسيمبلي جو رڪن چونڊي ورتو هو، لنڊن مان واپسي تي جناح سياسي سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويو.
1936ع ۾ محمد علي جناح دينا کي هندستان واپس گهرائي ورتو ۽ پنهنجي مصروفيتن کي ڌيان ۾ رکندي فيصلو ڪيو ته دينا کي ناناڻن وٽ ڇڏيو وڃي.
اهو فيصلو ان لحاظ سان سٺو ثابت ٿيو ته دينا کي محبت سان ڀرپور ماحول مليو، پر ان لحاظ سان نقصانڪار به ثابت ٿيو ته هوءَ هوريان هوريان هڪ سراسر غير اسلامي ماحول ۾ رنگجي وئي.
سر ڊنشا پيٽٽ ۽ ليڊي پيٽٽ جو ڳاڻيٽو پارسين جي انتهائي معززن ۾ ٿيندو هو، سندن خاندان آزاد خيال ۽ جدت پسند هو ۽ دينا آهستي آهستي انهي ماحول جي رنگ ۾ رنگجي وئي.
هوءَ اسلام ۽ ان جي رسمن پنهنجن والد جي اصولن کان پري ٿي وئي ۽ نيٺ هڪ پارسي نسل جي عيسائي شخص نيول واڊيا سان شادي جو فيصلو ڪيو.
جڏهن قائداعظم کي انهي ڳالهه جو پتو پيو، ته هو ڳڻتي ۾ پئجي ويو، دينا کي انهي روش تي هلڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪيائين.
جناح کيس سمجهايو ته پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، پوءِ هن مشهور مسلمان اڳواڻ مولانا شوڪت علي کي اهو ڪم سونپيو ته دينا کي اسلام جي اصولن ۽ انهن جي اهميت کان واقف ڪرائي، پر اها ڪوشش به بي لاڀ رهي ۽ دينا جي خيالن ۾ تبديلي نه آئي.
قائداعظم جي هڪ دوست جسٽس ايم سي چاڳلا پنهنجي آتم ڪٿا ‘روزز ان ڊسمبر’ ۾ لکيو آهي ته جناح پنهنجي نادر شاهاڻي انداز ۾ دينا کان چيو ته ”هندوستان ۾ لکين مسلمان ڇوڪرا آهن، هوءَ جنهن کي پسند ڪندي، تنهن سان سندس شادي ڪرائي ويندي.“
ان تي دينا، جيڪا حاضر جوابي ۾ پيءُ کان به ٻه قدم اڳتي هئي وراڻيو ته ”ابا جان! هندستان ۾ لکين مسلمان ڇوڪريون هيون، توهان توهان ڪنهن هڪ سان ڇو شادي نه ڪئي؟“
پاڪستان جي قومي شاعر ۽ فلسفي علامه اقبال جي ڏوهٽي يوسف صلاح الدين به هڪ ڀيري دينا واڊيا سان پنهنجي ملاقات جي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو هو ته هن ڊڄي، ڊڄي قائداعظم سان سندس اختلافن بابت سوال ڪيو، جنهن تي دينا واڊيا سخت جواب ڏنو.
يوسف صلاح الدين موجب، دينا واڊيا سندس سوال مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ڳالهه ڪٽي ڇڏي ۽ يوسف کي مخاطب ڪندي چيو: ”نوجوان، هڪ ڳالهه هميشه ياد رک، سڄي زندگي منهنجو پنهنجي پيءُ سان رڳو هڪ ئي اختلاف هو ۽ اها هئي منهنجي شادي.“
يوسف جو چوڻ هو ته دينا واڊيا جي ڳالهين مان پنهنجي پيءُ لاءِ محبت ۽ احترام ظاهر ٿيندو هو، دينا واڊيا کيس اهو پڻ ٻڌايو ته جڏهن پهريون ڀيرو جناح ساڻس ملڻ دهلي آيو ته هن ٻارن لاءِ ڪيترائي تحفا به آندا هئا.
جڏهن جناح وڃڻ وارو هو، سندس ڏوهٽي هن جي ”جناح ڪيپ“ پڪڙي ورتي، جنهن تي جناح چيو: ”اوڪي، ينگ مين، هاڻي هيءَ ٽوپي تنهنجي ٿي.“ دينا موجب سندس پٽ اها ٽوپي اڃا تائين سنڀالي رکي آهي.
پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي اڪيلائي ڌيءَ دينا واڊيا ڪڏهن به پاڪستان ۾ مستقل رهائش اختيار نه ڪئي.
هوءَ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي شادي ڪري بمبئي هلي وئي ۽ ان کان سواءِ گهڻو وقت برطانيا ۽ آمريڪا ۾ گذاريو.
پاڪستان ۾ هوءَ رڳو ٻه ٽي ڀيرا آئي، پهريون ڀيرو 1948ع ۾ پيءُ جي وفات تي، پوءِ هڪ اڌ ڀيرو پنهنجي پُڦي فاطمه جناح سان ملاقات لاءِ.
2004ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي تڏوهڪي چيئرمين شهريار خان جي دعوت تي پاڪ-ڀارت سيريز لاءِ پاڪستان آئي ۽ ڪجهه ڏينهن رهي.
ان دوري دوران هوءَ پنهنجي پيءُ جي قبر تي حاضري پڻ ڀري، جتي يادداشتن جي ڪتاب ۾ لکيو: ”خدا منهنجي پيءُ جو پاڪستان وارو خواب پورو ڪري.“
دينا واڊيا ڄاڻي واڻي ميڊيا کان پري رهندي هئي ۽ خاص طور پاڪستان ۾ سندس شخصيت بابت رڳو تاثر موجود آهن ۽ يوسف صلاح الدين اهڙن ماڻهن منجهان هڪ آهي، جنهن کي دينا واڊيا جي آخري دوري دوران ملاقات جو موقعو مليو.
يوسف موجب، محمد علي جناح جي نياڻي کي لاھور ۾ شاهي قلعي ويجهو پنهنجي حويلي ۾ ماني تي دعوت ڏيڻ چاهي، پر دينا واڊيا فوڊ اسٽريٽ ۾ هڪ مشهور روايتي ريسٽورانٽ وڃڻ تي زور ڀريو، جتي يوسف صلاح الدين سندس اعزاز ۾ ماني جو انتظام ڪيو.
بي بي سي کي هڪ ڏنل انٽرويو ۾ يوسف ٻڌايو ته دينا واڊيا سندس خاندان جي تاريخ کان ڀلي ڀت واقف هئي ۽ ٻئي نهايت گرموجوشيءَ سان مليا.
يوسف جو چوڻ هو ته ”مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ مان قائداعظم سان گڏ ويٺو آهيان، هڪ ته سندس صورت پنهنجي پيءُ سان گهڻي ملندڙ جلندڙ هئي، ٻيو وري سندس آواز به پنهنجي پيءُ جهڙو رعبدار هو جيڪو اسان ريڊيو تي ٻڌو آهي.“
محمد علي جناح سان سندس مشهابت ايتري هئي جو فوڊ اسٽريٽ ۾ ريسٽورانٽ ٻاهران ويٺي جڏهن ٽي عورتون گذريون ته کيس ڏسي بيهي رهيون ۽ جذباتي ٿي لڙڪ لاڙيندي اتان هلي ويون، جنهن تي دينا ڏُکاري ٿي وئي.
اهڙي ماحول ۾ يوسف چيو ته هن دينا کي چئي ڏنو ته ”هي ملڪ توهان جي والد ٺاهيو، هي اسان لاءِ هڪ بهترين تحفو هو، پر افسوس اسان هن کي بگاڙي ڇڏيو، هي سڀ جناح جي ويزن جي خلاف آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.