بلاول پاران انڊس اسپتال جي نئين عمارت جو افتتاح، اسان جو مقابلو صوبن نه دنيا سان آهي: پ پ چيئرمين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ انڊس اسپتال جي نئين عمارت جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته علاج جون سهولتون مفت ڏيون، اسان صوبي ۾ صحت جو نظام تبديل ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جو مقابلو صوبن سان نه دنيا سان آهي.
هن چيو ته غريبن جو خيال رکڻ ئي اسان جو منشور آهي، اٽو، لٽو ۽ اجهو ئي اسان جي سياست جو محور آهي، عيسائي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون پيش ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.