پي آءِ اي جي نجڪاري سٺي ڳالهه پر ڪجهه خدشا آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري سٺي ڳالهه آهي پر ڪجهه خدشا آهن.
قائداعظم جي مزار تي حاضري کانپوءِ گورنر ۽ ڪابينا ميمبرن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ڀارت کي غرور هو ته ان جا دنيا سان سٺا لاڳاپا آهن، پاڪستان ڀارت کي جنگي ميدان ۾ ئي سفارتي سطح تي به شڪست ڏني.
هن چيو ته مسلمانن کي متحد ٿي دشمن قوتن کي شڪست ڏيڻي پوندي، ملڪ جي بهتري لاءِ اسان سڀني کي متحد ٿيڻ گهرجي، پاڪستان 2025 جي ڪاميابي کانپوءِ 2026 جي ڪاميابين ۾ داخل ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ جنهن به ڪردار ادا ڪيو، ان کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، حڪومت قائداعظم جي اصولن تي هلي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو، پاڪستان سميت سڄي دنيا جي عيسائي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيان ٿو.
وڏي وزير چيو ته قومي ايئر لائن جي نجڪاري ٿي آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي پر ڪجهه خدشا آهن، ايئر لائن جي ملازمن کي تحفظ ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.