باڪسنگ ڊي ٽيسٽ جو مطلب ڇا آهي؟

سڀاڻي کان ٻه باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ شروع ٿيڻ وارا آهن ۽ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ سڀ کان وڌيڪ آسٽريليا ۾ مشهور آهي.
خميس کان ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ميزبان آسٽريليا ۽ ڀارت آمهون سامهون هوندا، جڏهن ته سينچورين ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا سان مهاڏو اٽڪائيندو.
هر سال جڏهن به باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ ٿيندي آهي تڏهن ڪرڪيٽ شوقينن جو تجسس وڌي ويندو آهي ته ڪرسمس کانپوءِ شروع ٿيندڙ روايتي ٽيسٽ ميچ کي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ڇو چيو وڃي ٿو؟
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ گهڻي قدر آسٽريليا ۾ مقبول آهي جيڪا ڪرسمس جي ٻئي ڏينهن يعني 26 هين ڊسمبر کان شروع ٿيندي آهي جتي ميزبان ٽيم جو مهمان ٽيم سان تاريخي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ مقابلو ٿيندو آهي.
هلندڙ سال کان آسٽريليا ۽ ڀارت جي وچ ۾ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ شروع ٿي رهي ۽ پهرئين ڏينهن نان ايشيز ٽيسٽ ۾ تماشائين جو رڪارڊ ٽٽي ويندو.
ٻئي پاسي سينچورين ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ کيڏي ويندي.
ڪرسمس جي ٻئي ڏينهن آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ سميت ڪيئي ملڪن ۾ موڪل هوندي آهي، ن ڏينهن مالڪ پنهنجي ملازمن کي تحفا ڏيندا آهن، ان ڏينهن کي باڪسنگ ڊي چيو ويندو آهي، ڇو ته ان ڏينهن تحفا ۽ سامان ” باڪس ( دٻن ) ۾ ڏنو ويندو آهي ۽ اِهو ڪرسمس تقريبن جو حصو آهي.
باڪسنگ ڊي ميچ جي ڪهاڻي 1950ع جي ڏهاڪي کان شروع ٿي، جڏهن آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ڪرسمس جي ٻئي ڏينهن يعني 26 ڊسمبر تي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ هڪ ٽيسٽ ميچ ٿي، ان ميچ جي شروعات هڪ روايتي انگلش تهوار ” باڪسنگ ڊي “ سان جوڙيو ويو، جيڪو 26 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي.
هاڻي اهو هڪ تمام وڏو فيسٽيول بڻجي چڪو آهي جتي ڪٽنب ۽ دوست گڏجي اسٽيڊيم ايندا آهن ۽ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ مان لطف اندوز ٿيندا آهن، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا ۾ پڻ ان جي مقبوليت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهو موڪل کي انجواءِ ڪندا آهن، شوقينن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.