ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي آڪسفورڊ يونيورسٽي لاءِ اسڪالرشپ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تعليم کاتي جي ترجمان موجب گريجويٽ، ماسٽرز، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي اميدوارن لاءِ اسڪالرشپ هوندي، جنهن لاءِ سنڌ جو ڊوميسائل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
ان کانسواءِ اميدوار جو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ميرٽ تي پورو لهڻ ۽ انگريزي ٻولي ۾ مهارت ضروري آهي.
ترجمان چيو ته شارٽ لسٽ اميدوارن کي انٽرويو کانپوءِ فائنل ڪيو ويندو، اسڪالرشپ بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير جي تازي آڪسفورڊ دوري کي ڏسندي ڏني پئي وڃي.
Prev Post
Next Post
You might also like