اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سڀني سمن جي واهپيدارن جي نالي تي رجسٽريشن لازمي قرار ڏئي ڇڏي.
پي ٽي اي هڪ بيان ۾ واهپيدارن کي پنهنجي سمن ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز جو ذميواراڻو استعمال يقيني بڻائڻ جي اپيل ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن ٻئي فرد جي نالي تي رجسٽرڊ سم جو استعمال ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي.
پي ٽي اي زور ڏنو ته سم جي ڪنهن به غلط استعمال جي مڪمل ذميواري رجسٽرڊ واهپيدار تي هوندي، رجسٽرڊ واهپيدار کي پنهنجي سمن ذريعي ڪئي ويندڙ ڪالز، ميسيجز ۽ ڊيٽا استعمال لاءِ انفرادي طور جوابدار قرار ڏنو ويندو.
پي ٽي اي واهپيدارن کي قانونن ۽ ضابطن جي پابندي ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ تنبيهه ڪئي آهي ته ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.
You might also like