نيٽ فلڪس لياري تي سيريز ٺاهڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي، مُک ڪردار ۾ مان هوندس: نبيل گبول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير نبيـل گبول دعويٰ ڪئي آهي ته عالمي اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فلڪس ڪراچي جي علائقي لياري تي سيريز ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.
هڪ بيان هن چيو ته تجويز ڪيل منصوبو ٽن سيزنز تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ لياري جي اصل سماجي جوڙجڪ، سياسي ڇڪتاڻ، طاقت جا مرڪز ۽ زميني حقيقتون کي اجاگر ڪيو ويندو.
نبيـل گبول چيو آهي ته نيٽ فلڪس جي پروڊڪشن ٽيم ساڻس رابطو ڪيو آهي ۽ پروجيڪٽ تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه لاءِ مارچ مهيني ۾ پاڪستان اچڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سيريز جو مقصد پرڏيهي فلمن ۽ ڊرامن ۾ لياري جي هڪ طرفي ۽ ناڪاري عڪاسي جو جواب ڏيڻ آهي.
نبيـل گبول جي دعويٰ جو سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڇڪائيندڙ پهلو امڪاني طور فلم جي ڪاسٽنگ آهي.
هن چيو ته سيريز لاءِ مشهور برازيلين اداڪار ويگنر مورا کي ڪاسٽ ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن نيٽ فلڪس سيريز نارڪوس ۾ پابلو ايسڪوبار جو مشهور ڪردار ادا ڪيو هو.
نبيـل گبول جو چوڻ آهي ته هي ڪردار سندس پنهنجي سياسي زندگي ۽ لياري ۾ تجربن کان متاثر ٿي سگهي ٿو.
واضح رهي ته ان کان اڳ ڀارتي فلم ڌُرنڌَر ۾ موجود ڪردار ”جميل جمالي“ واري ڪردار تي به نبيـل گبول اعتراض واري چڪو آهي.
سندس موقف آهي ته فلم ۾ ڏيکاريل ڪردار سندس اصل شخصيت جي صحيح نمائندگي نٿو ڪري.
نبيـل گبول هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته لياري جي ثقافت، فٽبال سان لاڳاپو ۽ عوامي مزاحمت کي ڏوهن جي بيانئي هيٺ دٻايو پيو وڃي، جيڪا ناانصافي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.