شاگردن لاءِ خوشخبري، سنڌ حڪومت جو آڪسفورڊ يونيورسٽي لاءِ اسڪالرشپ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي آڪسفورڊ يونيورسٽي لاءِ اسڪالرشپ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تعليم کاتي جي ترجمان موجب گريجويٽ، ماسٽرز، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي اميدوارن لاءِ اسڪالرشپ هوندي، جنهن لاءِ سنڌ جو ڊوميسائل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
ان کانسواءِ اميدوار جو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ميرٽ تي پورو لهڻ ۽ انگريزي ٻولي ۾ مهارت ضروري آهي.
ترجمان چيو ته شارٽ لسٽ اميدوارن کي انٽرويو کانپوءِ فائنل ڪيو ويندو، اسڪالرشپ بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير جي تازي آڪسفورڊ دوري کي ڏسندي ڏني پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.