ٽي ٽي پي افغانستان ۾ موجود آمريڪي هٿيارن سان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهي آهي: آمريڪي رسالو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رسالي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽي ٽي پي افغانستان ۾ موجود آمريڪي هٿيارن سان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهي آهي.
آمريڪي رسالي دي جيوپاليٽڪس موجب ٽي ٽي پي پاڪستاني فورسز ۽ شهرين تي مسلسل حملا ڪري رهي آهي، ٽي ٽي پي خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگرد ڪارروائيون ۽ پرتشدد حملا ڪيا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ موجود آمريڪي هٿيارن جي ماليت 7 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي، ايم 4، ايم 16 رائفلون ۽ نائيٽ وزن سائيٽس جهڙا آمريڪي هٿيار دهشتگردن جي پهچ ۾ آهن.
آمريڪي رسالي موجب آمريڪي هٿيار افغانستان جي بليڪ مارڪيٽ ۾ دهشتگرد نيٽ ورڪس کي کپايا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.