راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ٿي.
آءِ ايس پي آر چيو ته ڳجهي اطلاع تي ڪيل آپريشن ۾ فتنه الهندوستان جا 8 دهشتگرد ماريا ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ٿيو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
You might also like