لاهور (ويب ڊيسڪ)ناليواري اداڪارا صبا قمر پنهنجي خلاف ڪيس جي درخواست کانپوءِ پهريو ڀيرو ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، صبا قمر خلاف لاهور جي مقامي عدالت ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته اداڪارا بنا اجازت پوليس جي وردي پاتي.
اِهو معاملو ان وقت سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ آيو جڏهن وائرل وڊيو ۾ صبا قمر کي ڊريسنگ روم ۾ ايس پي جي وردي پاتل ڏٺو ويو، جنهن کانپوءِ اداڪارا هڪ ميگزين جي پوسٽ ري شيئر ڪئي، جنهن ۾ ميگزين صبا قمر جو دفاع ڪيو.
ميگزين جي ايڊيٽر ان چيف طنزيه انداز ۾ لکيو ته ”پيارا، ڇا توهان کي اميد هئي ته هوءَ پوليس آفيسر جو ڪردار ڪنوار ويس يا لان جي سوٽ سان ادا ڪندي؟“
هن وڌيڪ چيو ته ”ڪردار هميشه پنهنجي رول موجب لباس پائيندا آهن، توهان جي بيوقوفاڻِي تخليق مطابق نه.“
ان بيان تي ردِعمل ڏيندي صبا قمر مزاحيه انداز ۾لکيو ته” ياخدا! اڄڪلهه مان ڏاڍي مشهور ٿي وئي آهيان.“، ان سان گڏوگڏ هن کلڻ وارا ايموجيز پڻ شيئر ڪيا.
واضح رهي ته درخواست وڪيل آفتاب باجوا طرفان شهري وسيم زوار جي نالي سان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به فرد کي سرڪاري اجازت کانسواءِ پوليس جي وردي يا ايس پي جي عهدي جو بيج استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهي.
You might also like